Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 22:31 - Muslim Sindhi Bible

31 اوهين منهنجي ئي قوم آهيو، تنهنڪري جھنگلي جانورن جو ڦاڙيل گوشت نہ کائجو، بلڪ اهو ڪتن کي اڇلائي ڏجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 اوهين منهنجا پاڪ ماڻهو آهيو: تنهنڪري اوهين جهنگ جي جانورن جو ڦاڙيل گوشت متان کائو: پر اهو ڪتن کي اُڇلائي ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 22:31
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن پاڻ ۽ پنهنجي پٽن کي سندن ڌيئرون پرڻايون آهن ۽ خدا لاءِ مخصوص نسل کي غير قومن سان ڳنڍي ڇڏيو اٿن. انهيءَ گناهہ ۾ اڳواڻن ۽ وڏن جو گھڻو هٿ آهي.“


تڏهن مون وراڻيو تہ ”نہ، اي خداوند خدا! مون ڪڏهن بہ پاڻ کي ناپاڪ ٿيڻ نہ ڏنو آهي. ننڍي هوندي کان وٺي هن وقت تائين مون ڪڏهن بہ ڪنهن مئل جانور جو گوشت نہ کاڌو آهي، پوءِ اهو پاڻيهي مئو هجي يا جانورن ان کي چيريو ڦاڙيو هجي. ڪوبہ پليت کاڌو مون هرگز نہ کاڌو آهي.“


ڪاهن اهڙي ڪنهن بہ پکيءَ يا جانور جو گوشت نہ کائيندا جيڪو پنهنجو پاڻ مري ويو هجي يا ڪنهن جانور انهيءَ کي ماريو هجي.“


بني اسرائيل جي سڄي قوم لاءِ هي حڪم ڏنو تہ ”اوهين پاڪ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا پاڪ آهيان.


تنهنڪري اوهين حلال ۽ حرام جانورن ۽ پکين جي وچ ۾ فرق ڪجو. جن جانورن، پکين ۽ ٻين زمين تي سرندڙ جيتن کي مون حرام قرار ڏيئي اوهان کان ڌار ڪيو آهي، تن کي کائڻ سان اوهين پاڻ کي پليت نہ ڪجو.


جيڪو جانور پنهنجي موت مري وڃي يا جنهن کي جھنگلي جانورن ڦاڙيو هجي، تنهن جو گوشت کائي هو پاڻ کي پليت نہ ڪري. آءٌ خداوند آهيان.


جيڪو جانور پاڻيهي مري وڃي يا جنهن کي جھنگلي جانورن ڦاڙيو هجي تہ انهيءَ جي چرٻي ڪنهن ٻئي ڪم ۾ ڀلي آڻجو پر کائجو اصل نہ.


پر پطرس چيو تہ ”اي سائين! هرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ مون ڪڏهن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ ڪانہ کاڌي آهي.“


پر کين لکي تاڪيد ڪيو وڃي تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙهيون ويون هجن سي هو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري رت ۽ گھُٽي ماريل جانور جو گوشت کائين.


جيڪو جانور پاڻيهي مري وڃي سو اوهين نہ کائجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي چونڊيل قوم آهيو. البت اوهين پنهنجي شهر ۾ رهندڙ ڪنهن ڌارئي کي اهو کائڻ لاءِ ڏيئي ٿا سگھو، يا وري ڪنهن پرديسيءَ کي وڪڻي ٿا سگھو. اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌجو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ