تڏهن ابيشيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، ورندي ڏني تہ ”ڇا انهن ڳالهين جي ڪري شمعيءَ کي قتل نہ ڪيو ويندو؟ جڏهن تہ هن خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ تي لعنت وڌي هئي.“
لاباري جي عيد، يعني جيڪي اوهين پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکيو تنهن جي پهرين پيداوار جي عيد ملهايو. سال جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن اوهين پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪيل پورهئي جو ڦل گڏ ڪريو، تڏهن تنبن واري عيد ملهايو.
جيڪو بہ مون خداوند جي نالي تي جڏهن بہ ڪفر بڪي تڏهن اهو بني اسرائيل هجي توڙي ڌاريو، تنهن کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. سڀيئي ماڻهو انهيءَ کي سنگسار ڪري ڇڏين.
تڏهن پولس هن کي چيو تہ ”خدا تو کي ئي ڌڪ هڻندو، اي اندر جا ڪارا! تون تہ منهنجو فيصلو شريعت موجب ڪرڻ ويٺو آهين. پوءِ ڇو شريعت جي خلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏئين؟“
خاص ڪري انهن کي جيڪي جسم جي برين خواهشن جي پٺيان لڳي خدا جي اختياريءَ کي حقير ٿا سمجھن. ساڳئي نموني ڪوڙي تعليم ڏيندڙ بہ اهڙا تہ گستاخ ۽ هٺيلا آهن جو آسماني هستين جي بيحرمتي ڪرڻ کان بہ نہ ٿا ڊڄن.
انهيءَ طرح هي بيدين ماڻهو بہ پنهنجن خوابن جي پٺيان لڳي بدڪاريءَ واري زندگي ٿا گذارين، خداوند جي اختياريءَ کي حقير ٿا ڄاڻن ۽ آسماني هستين جي بيحرمتي ٿا ڪن.