Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 22:27 - Muslim Sindhi Bible

27 ڇاڪاڻ تہ اهو ئي رڳو هن جي بدن جو اوڇڻ آهي. پوءِ هو ڇا ۾ سمهندو؟ سو جيڪڏهن هن مون کي پڪاريو تہ آءٌ سندس فرياد ٻڌندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ مهربان آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 ڇالاءِ جو اها ئي فقط هن جي پوشاڪ آهي، ۽ اهو ئي هن جي بدن جو ڍڪ آهي، پوءِ هو ڇا ۾ سمهندو؟ ۽ جڏهن هو مون کي پڪاريندو، تڏهن آءٌ هن جي پڪار ٻڌندس؛ ڇوتہ آءٌ مهربان آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 22:27
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن دائود بادشاهہ بحوريم شهر ۾ پهتو، تڏهن سائول جي گھراڻي جي ماڻهن مان هڪڙو شخص نڪري آيو جنهن جو نالو شمعي ولد جيرا هو. هو لعنتون وجھندو ٿي آيو.


ٻيو ياد رک تہ جيرا جو پٽ شمعي جيڪو بني بنيامين جي علائقي واري شهر بحوريم جو رهاڪو آهي، تنهن محنايم شهر ڏانهن وڃڻ واري ڏينهن مون تي سخت لعنت وڌي هئي. پر پوءِ جڏهن هو اردن درياءَ وٽ منهنجي استقبال لاءِ آيو هو تڏهن مون ساڻس خداوند جو قسم کڻي کيس چيو هو تہ ’آءٌ تو کي نہ مارائيندس.‘


پر تون هن کي بي‌گناهہ نہ سمجھہ. تون سياڻو ماڻهو آهين. تو کي پاڻيهي معلوم ٿي ويندو تہ هن سان ڇا ڪرڻ گھرجي. تون هن جو اڇو مٿو رتو رت ڪري کيس قبر ۾ لاهجانءِ.“


جيڪڏهن اوهين خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا، تہ هو انهن جي دل ۾ رحم وجھندو جيڪي اوهان جي مائٽن ۽ اوهان جي اولاد کي قيد ڪري وٺي ويا آهن ۽ اهي جلاوطن ٿيل وري هن ملڪ ڏانهن موٽي ايندا. خداوند اوهان جو خدا فضل ۽ رحم وارو آهي. جيڪڏهن اوهين هن آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا تہ هو بہ اوهان کان منهن نہ موڙيندو.“


مون مسڪين خداوند آڏو فرياد ڪيو، ۽ خداوند منهنجي ٻڌي ورتي. هن منهنجي سڀني مصيبتن کان مون کي بچائي ورتو.


محتاج جڏهن فرياد ٿو ڪري، تڏهن بادشاهہ کيس ڇڏائي ٿو. هو انهيءَ غريب کي ڇڏائي ٿو جنهن جو ڪوبہ مددگار ڪونهي.


جيئن تہ اي ڌڻي! تون رحيم ۽ ڪريم خدا آهين، تون دائمي شفقت ۽ وفا سان ڀرپور آهين، ۽ غصي ڪرڻ ۾ ڍرو آهين،


جيڪڏهن اوهين انهن کي ڪنهن بہ طرح ڏکوئيندا ۽ اهي مون کي پڪاريندا، تہ آءٌ خداوند ضرور سندن پڪار ٻڌندس.


خداوند موسيٰ جي اڳيان هيئن چوندي لنگھيو تہ ”آءٌ خداوند آهيان، هائو، اهو خداوند، جيڪو رحمان ۽ رحيم خدا آهي، لافاني شفقت ۽ وفا سان ڀرپور ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ بلڪل ڍرو.


اوهين بادشاهہ تي تنقيد ڪرڻ لاءِ پنهنجيءَ دل ۾ بہ خيال نہ آڻيو، نڪي ڪنهن امير جي ئي ملامت ڪريو. هائو، پنهنجي ڳجھيءَ جاءِ ۾ بہ ويهي ائين نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ڀتين کي بہ ڪن ٿين ٿا.


اهي ٻئي شيون مصرين لاءِ انهيءَ ڳالهہ جي ثابتي هونديون تہ قادرِمطلق خداوند ساڻن گڏ موجود آهي. پوءِ اهي جڏهن ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسي پوندا، تڏهن خداوند جي حضور ۾ مدد لاءِ ٻاڏائيندا تہ هو سندن لاءِ ڪو بچائيندڙ ۽ مددگار موڪليندو، جيڪو اچي کين دشمنن کان ڇڏائيندو.


جڏهن اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪجھہ قرض ڏيو، تڏهن جا شيءِ هو گروي رکي ٿو سا وٺڻ لاءِ اوهين سندس گھر ۾ نہ گھڙجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ