26 جيڪڏهن اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي چادر گروي رکو بہ تہ سج لهڻ کان اڳ ۾ کيس موٽائي ڏجو،
26 جيڪڏهن تون پنهنجي پاڙيسريءَ جا ڪپڙا گروي رکين تہ سج لهڻ کان اڳ ۾ موٽائي ڏج:
تو پنهنجي قوم وارن جون شيون بنا سبب گروي رکيون آهن، ايتري قدر جو ماڻهن جا ڪپڙا لاهي تو کين اگھاڙو ڪري ڇڏيو آهي.
هو يتيمن جا گڏهہ هڪلي ڪاهيو وڃن، ۽ رننزالن جا ڏاند پاڻ وٽ گروي ٿا رکن.
هو ڪا چادر نہ هئڻ ڪري ٿڌ ۾ ائين ئي رات گذارين ٿا، سياري ۾ ٿڌ کان بچڻ لاءِ وٽن ڪو ڪپڙو بہ نہ هوندو آهي.
يتيم کي سندس ماءُ جي ڇاتيءَ کان ڇني ڌار ڪيو ٿو وڃي، ۽ قرض جي واپسيءَ تائين، انهيءَ ٻار کي قبضي ۾ رکيو ٿو وڃي.
ايتري تائين جو غريبن سان سندن بري سلوڪ سبب انهن جي دانهن خدا تائين وڃي پهتي، ۽ هن انهن ڏکويلن جو فرياد ٻڌي ورتو.
پر تون ئي تہ ڏسين ٿو پيو، هائو، جيڪي ڏک ۽ غم ۾ آهن تن تي تنهنجي نگاهہ آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون انهن جي مدد ڪرين. لاچار ۽ يتيم پاڻ کي تنهنجي حوالي ڪن ٿا، هنن جو مددگار تون ئي تہ آهين.
جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا، تن کي سندس ملائڪ هر خطري کان دور ٿو رکي. هو انهن جي چوڌاري پهرو ڏيئي سندن حفاظت ٿو ڪري.
جيڪو ڪنهن اڻواقف ماڻهوءَ جو ضامن ٿو پوي، سو انهيءَ لائق آهي تہ سندس ڪپڙا لاهي رکيا وڃن، بلڪ سندس مال ملڪيت بہ گروي رکيو وڃي.
پوءِ جيڪڏهن قرض چڪائڻ لاءِ اوهان وٽ ڪجھہ نہ هوندو، تہ اوهان جي سمهڻ وارو بسترو بہ اوهان کان کسجي ويندو.
اهو نہ ڪنهن تي ظلم ٿو ڪري ۽ نہ وري ڪنهن کان اوڌر جي بدلي شيون گروي رکي ٿو. اهو ڪنهن کان زور زبردستي ڦرلُٽ نہ ٿو ڪري. اهو بکايلن کي پنهنجي کاڌي مان کارائي ٿو ۽ اگھاڙن کي ڪپڙا ڍڪائي ٿو.
هن ڪنهن تي ظلم نہ ڪيو هجي، بلڪ قرضدار کي سندس گروي رکيل شيءِ بہ موٽائي ڏني هجي. هن ڪنهن کي بہ زور زبردستيءَ سان لٽيو ڦريو نہ هجي، بلڪ بکايلن کي پنهنجي مانيءَ مان ڏنو هجي ۽ اگھاڙن کي ڪپڙا ڍڪايا هجن.
مثال طور اهو بدڪار پاڻ وٽ گروي رکيل شيون موٽائي ڏئي ٿو ۽ چورايل مال مالڪن کي موٽائي ڏئي ٿو. هائو، جيڪڏهن بدڪار گناهہ جي ڪمن کان ڊڄي ڪري باز اچي ٿو ۽ منهنجي شريعت تي ٿو هلي تہ اهو مرندو نہ، بلڪ ضرور جيئرو رهندو.
اهي هر قربانگاهہ وٽ گروي رکيل ڪپڙن مٿان ليٽي ٿا پون، ۽ منهنجي هيڪل ۾ غريبن کان ڏنڊ طور وصول ڪيل مئي پيئن ٿا.
اوهين ڪنهن يتيم يا پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي سان ناحق نہ ڪجو، نڪي ڪنهن رنزال جا ڪپڙا گروي رکجو.
ڪوبہ ماڻهو سڄو جنڊ يا ان جو رڳو مٿيون پُڙ گروي نہ رکي، ڇو تہ ائين ڪرڻ سان هو ڄڻ تہ ماڻهوءَ جي حياتي گروي ٿو رکي.