Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 22:24 - Muslim Sindhi Bible

24 سو منهنجو قهر جوش ۾ ايندو ۽ آءٌ اوهان کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس. تڏهن اوهان جون زالون بيواهون ۽ ٻار يتيم ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ منهنجي ڪاوڙ وڌندي، ۽ آءٌ اوهان کي ترار سان ماريندس، ۽ اوهان جون زالون ۽ ٻار يتيم ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 22:24
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون انهن ڳالهين تي پنهنجيءَ دل ۾ ويچار ڪيو ۽ پوءِ اميرن ۽ اڳواڻن کي تنبيهہ ڪندي چيم تہ ”اوهان مان هر ڪو پنهنجي هم‌وطنن جي ملڪيت گروي ٿو رکي.“ سو مون هڪ وڏي عام گڏجاڻي ڪوٺائي تہ جيئن هنن سان منهن ڏجي.


جيئن تہ آءٌ خدا کان بيحد ڊنس ٿي تہ متان هو مون تي ڪا آفت نازل ڪري، تنهنڪري سندس جلال جي اڳيان ائين ڪرڻ جي مون ۾ همت نہ هئي.“


ڇوجو بڇڙا ۽ دغاباز منهنجي خلاف پيا ڳالهائين. هنن مون بابت بلڪل ئي ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون آهن.


ڀل تہ سندس ٻار ڇورا ڇنا ٿي وڃن، ۽ سندس زال رن‌زال ٿي وڃي.


هو ڪنهن کي اڌارا پئسا ڏيئي کانئس وياج نہ ٿا وٺن، نڪي هو ڪنهن بي‌ڏوهيءَ جي خلاف ڪا رشوت ٿا وٺن. جيڪي اهڙا چڱا ڪم ڪن ٿا، تن کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو نہ ايندو.


تون انهن جي مٿان پنهنجو سخت غضب نازل ڪر. شال اهي تنهنجي قهر وَ غضب سان بلڪل ئي وڪوڙجي وڃن!


بيشڪ اي خداوند! تون هيبتناڪ آهين. تنهنجي غضبناڪ ڪاوڙ مهل ڪير تو آڏو بيهي سگھندو؟


تنهنجي غصي جي شدت کي ڪير ٿو ڄاڻي سگھي، جيستائين تنهنجو واجب خوف نہ ٿو ڪجي.


اوهان جي ملڪ ۾ رنن‌زالن جو تعداد سامونڊي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن کان بہ گھڻو ٿي ويندو. آءٌ اوهان جا جوان ڦُوهہ جوانيءَ ۾ ئي قتل ڪرائي سندن مائرن تي عذاب آڻيندس. هائو، آءٌ اوچتو انهن تي مصيبت ۽ دهشت آڻيندس.


پر هاڻ منهنجو عرض آهي تہ تون سندن اولاد کي ڏڪار منجھہ وجھي ڇڏ، ۽ دشمن جي تلوار جي حوالي ڪري ڇڏين. هنن جون زالون سنڍ ۽ بيوہ بڻائي ڇڏ، هنن جا مرد وبا جي حوالي ڪري ماري ڇڏ، ۽ سندن نوجوان جنگ ۾ تلوار سان ڪهائي ڇڏ.


اسان جي پيئرن کي ماري اسان کي يتيم ڪيو ويو آهي، ۽ هاڻي اسان جون مائرون بي‌سهارا رنن‌زالن جيان آهن.


”جيڪڏهن بني اسرائيل مان اوهان جو ڪو هم‌قوم ماڻهو غريب يا محتاج ٿي پوي تہ اوهين انهيءَ جي مدد ڪجو، جيئن اوهين ڌارئي يا مسافر جي مدد ڪندا آهيو تہ جيئن هو اوهان منجھہ رهي سگھي.


اوهين انهيءَ کان ڪنهن بہ قسم جو وياج نہ وٺجو. هائو، اوهين مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو، تہ جيئن بني اسرائيل مان اوهان جو هم‌قوم ڀلي تہ اوهان منجھہ رهندو اچي.


ڪير آهي جيڪو هن جي ڪاوڙ اڳيان بيهي سگھي؟ ڪير آهي جيڪو هن جي غضب کان بچي سگھي؟ هن جو غضب باهہ وانگر اچيو ڪڙڪي، ۽ ٽڪر بہ هن جي اڳيان ڀورا ڀورا ٿي پوندا آهن.


ٻين کي ڏيندا رهو تہ خدا کان اوهان کي بہ ملندو، بلڪ واپسيءَ ۾ اوهان کي چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وهندڙ ڪري جھول ۾ وڌو ويندو. ياد رکو، جهڙي ماپي سان اوهين ڏيندا، خدا کان تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي ماپجي ملندو.“


ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کي اوهين ڀلي وياج تي قرض ڏيو. پر بني اسرائيل مان پنهنجي ڪنهن هم‌قوم کي ڪابہ شيءِ وياج تي اڌاري نہ ڏجو، انهيءَ لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا تنهن ۾ خداوند اوهان جو خدا انهن سڀني ڪمن ۾ اوهان کي برڪت عطا ڪري، جن ۾ اوهين هٿ وجھو.


جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا وٽ ڪا باس باسيو، تہ انهيءَ کي پوري ڪرڻ ۾ دير نہ ڪجو، ڇو تہ خداوند ضرور اوهان کان انهيءَ جي طلب ڪندو ۽ تڏهن اوهين گنهگار ٿيندا.


سو ياد رکو، زندہ خدا جي پڪڙ وڏي خوفناڪ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ