تنهنڪري اوهين پنهنجن انهن نبي سڏائيندڙن، غيبدانن، خواب جو تعبير ڪندڙن، فال وجھندڙن يا جادوگرن جي ڳالهہ نہ ٻڌجو، جيڪي اوهان کي اڳڪٿي ڪري ٻڌائين ٿا تہ ”اوهين بابل جي بادشاهہ جي تابعداري نہ ڪندا.“
جيڪو بہ مرد يا عورت مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙ يا ڀوپو هجي، تنهن کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. انهن کي سنگسار ڪيو وڃي. سندن خون سندن ئي سر تي آهي.“
جيڪو ماڻهو مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن ۽ ڀوپن ڏانهن مائل ٿيندو ۽ انهن جي پيروي ڪري مون سان بيوفائي ڪندو، تہ آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ جي خلاف ٿيندس ۽ انهيءَ کي قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس.
انهيءَ عرصي دوران سموئيل وفات ڪري چڪو هو ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن سندس لاءِ سوڳ ڪندي کيس سندس ئي شهر رامہ ۾ دفن ڪري ڇڏيو هو. ان وچ ۾ سائول سڀني ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن کي ملڪ مان ختم ڪرائي ڇڏيو هو.