Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 22:13 - Muslim Sindhi Bible

13 جيڪڏهن انهيءَ کي جھنگلي جانورن ماري ڇڏيو هجي، تہ ان جو بچيل حصو شاهديءَ جي لاءِ کڻي اچي، پوءِ انهيءَ جي لاءِ کيس عيوضو ڀرڻو نہ پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 جيڪڏهن اهو ڪنهن جانور ڦاڙي ڇڏيو هوندو، تہ اهو شاهديءَ جي لاءِ کڻي آڻي حاضر ڪري؛ پوءِ جيڪي ڦاڙيو ويو هوندو تنهن جي لاءِ عيوضو ڀرڻو نہ پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 22:13
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪڏهن جانور هن وٽان چورائجي ويو هجي، تہ پوءِ هو انهيءَ جي مالڪ کي عيوضو ڀري ڏيندو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کان ڪو جانور اڌارو وٺي ۽ مالڪ جي غير حاضريءَ ۾ اهو ڌڪجي پوي يا مري وڃي تہ اهو ماڻهو انهيءَ جو عيوضو ضرور ڀري ڏيندو.


تڏهن مون وراڻيو تہ ”نہ، اي خداوند خدا! مون ڪڏهن بہ پاڻ کي ناپاڪ ٿيڻ نہ ڏنو آهي. ننڍي هوندي کان وٺي هن وقت تائين مون ڪڏهن بہ ڪنهن مئل جانور جو گوشت نہ کاڌو آهي، پوءِ اهو پاڻيهي مئو هجي يا جانورن ان کي چيريو ڦاڙيو هجي. ڪوبہ پليت کاڌو مون هرگز نہ کاڌو آهي.“


خداوند وڌيڪ ٿو فرمائي تہ ”جيئن ڪو ڌنار شينهن جي وات مان کاڌل رڍ جا رڳو ٻہ پاوا يا هڪ ڪن جو ٽڪرو ٿو ڇڏائي وٺي، تيئن سامريہ ۾ رهندڙ بني اسرائيل مان ايترا تہ وڃي بچندا، جيئن پلنگ جي رڳو ٻانهين يا کٽ جو ڪو پائو وڃي بچي.


جيتوڻيڪ اهي مختلف قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل هوندا، تنهن هوندي بہ اهي ائين حملو ڪندا، جيئن ڪو خوفناڪ شينهن جھنگلي جانورن يا رڍن جي ڌڻ ۾ ڪاهي پوندو آهي. جڏهن اهو ڌڻ ۾ گھڙي پوندو آهي تڏهن رڍن کي چيري ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو نہ هوندو آهي.


شينهَن پنهنجن ٻچڙن جي کاڌي لاءِ گھڻن ئي کي ماريو آهي، ۽ پنهنجين مادين لاءِ گھڻو ئي شڪار ڪيو اٿن، هنن پنهنجي غار ۽ چُر شڪار سان ڀري ڇڏيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ