Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 21:34 - Muslim Sindhi Bible

34 تہ انهيءَ کڏ جو مالڪ ان جو نقصان ڀري ڏئي. هو جانور جي مالڪ کي هن جي قيمت ڏئي ۽ مئل جانور پاڻ کڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 تہ انهيءَ کڏ جو مالڪ انهي جو نقصان ڀري ڏئي؛ هو انهي جي مالڪ کي هن جي قيمت ڏئي، ۽ مئل جانور سندس ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 21:34
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ماڻهوءَ کي ان رڍ جي چئوڻي ملهہ جيترو ڀري ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اهڙو ڪم ڪندي ڪوبہ قياس ڪونہ آيو.“


جيڪڏهن ڪو ماڻهو کڏ کولي يا نئين کڏ کوٽي ۽ انهيءَ کي ڍڪي نہ ڇڏي ۽ ڪو ڏاند يا ڪو گڏهہ انهيءَ ۾ ڪري پوي،


جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڏاند ٻئي جي ڏاند کي اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري پوي، تہ هو جيئرو ڏاند وڪڻن ۽ انهيءَ جي رقم ٻئي پاڻ ۾ ورهائي کڻن. هو انهيءَ مئل ڏاند کي بہ ائين ورهائين.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کان ڪو جانور اڌارو وٺي ۽ مالڪ جي غير حاضريءَ ۾ اهو ڌڪجي پوي يا مري وڃي تہ اهو ماڻهو انهيءَ جو عيوضو ضرور ڀري ڏيندو.


جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي ٻاريل باهہ ڀڙڪو کائي ڪنڊن کي وڃي لڳي، جنهن ڪري ڪنهن جا اناج جا انبار يا سندس اناج جي بيٺل پوک يا سڄو فصل سڙي وڃي، تہ جنهن اها باهہ ٻاري هجي سو انهيءَ جو عيوضو ڀري ڏئي.


تنهن هوندي بہ جيڪڏهن اهو هٿ اچي ويندو تہ هو ستوڻو مال ڀري ڏيندو. هائو، جيڪو ڪجھہ وٽس هوندو سو کيس ڏيڻو پوندو.


مثال طور اهو بدڪار پاڻ وٽ گروي رکيل شيون موٽائي ڏئي ٿو ۽ چورايل مال مالڪن کي موٽائي ڏئي ٿو. هائو، جيڪڏهن بدڪار گناهہ جي ڪمن کان ڊڄي ڪري باز اچي ٿو ۽ منهنجي شريعت تي ٿو هلي تہ اهو مرندو نہ، بلڪ ضرور جيئرو رهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ