Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 21:32 - Muslim Sindhi Bible

32 جيڪڏهن ڪو ڏاند ڪنهن جي ٻانهي يا ٻانهيءَ کي سڱ هڻي ماري وجھي، تہ ڏاند جو مالڪ ٻانهي جي مالڪ کي چانديءَ جا ٽيهہ سڪا ڀري ڏئي ۽ ڏاند کي سنگسار ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 جيڪڏهن ڪو ڏاند ڪنهن غلام يا ٻانهيءَ کي سڱ هڻي تہ هو انهي جي مالڪ کي چانديءَ جا ٽيهہ مشڪال ڀري ڏئي، ۽ ڏاند سنگسار ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 21:32
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن اهي مدياني سوداگر اتان اچي لانگھائو ٿيا تہ يوسف جي ڀائرن يوسف کي کوهہ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ اسماعيل قبيلي وارن جي هٿ چانديءَ جي ويهن سڪن تي کيس وڪڻي ڇڏيائون. اهي سوداگر يوسف کي مصر ڏانهن وٺي هليا ويا.


جيڪڏهن ڏاند ڪنهن ڇوڪري يا ڇوڪريءَ کي سڱ هڻي ماريو هجي، تڏهن بہ ساڳئي ئي حڪم موجب ڏاند ۽ مالڪ سان سلوڪ ڪيو وڃي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو کڏ کولي يا نئين کڏ کوٽي ۽ انهيءَ کي ڍڪي نہ ڇڏي ۽ ڪو ڏاند يا ڪو گڏهہ انهيءَ ۾ ڪري پوي،


سو مون عنتوت شهر واري اها ٻني پنهنجي سؤٽ کان چانديءَ جي سترهن سڪن ۾ خريد ڪئي.


۽ کين چيائين تہ ”جيڪڏهن آءٌ عيسيٰ کي پڪڙائڻ ۾ اوهان جي مدد ڪريان تہ پوءِ اوهين مون کي ڇا ڏيندا؟“ تنهن تي انهن کيس چانديءَ جا ٽيهہ سڪا ڳڻي ڏنا.


اٽلندو پاڻ کي خالي ڪري ڇڏيائين، ۽ ٻانهي جي صورت اختيار ڪري انسانن جهڙو ٿي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ