Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 21:26 - Muslim Sindhi Bible

26 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي يا ٻانهيءَ کي ڌڪ هڻي هن جي اک ڪڍي وجھي، تہ هو سندس اک جي عيوض ۾ کيس آزاد ڪري ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي غلام يا ٻانهيءَ کي ڌڪ هڻي انهي جي اک ڪڍي وجهي، تہ هو پنهنجي اک بچائڻ لاءِ انهي کي آزاد ڪري ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 21:26
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيتوڻيڪ اسين پنهنجي هم‌وطنن جو هڏ رت آهيون ۽ اسان جا ٻار بہ هنن جي ٻارن جهڙا آهن، تنهن هوندي بہ اسان کي پنهنجا پٽ ۽ پنهنجيون ڌيئرون غلاميءَ ۾ ڏيڻيون ٿيون پون. اسان جون ڪي ڌيئر تہ اڳي ئي غلاميءَ ۾ آهن، پر کين ڇڏائڻ اسان جي وس کان ٻاهر آهي، ڇوجو اسان جون ٻنيون ۽ اسان جا انگورن جا باغ ٻين جي حوالي آهن.“


پر تون ئي تہ ڏسين ٿو پيو، هائو، جيڪي ڏک ۽ غم ۾ آهن تن تي تنهنجي نگاهہ آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون انهن جي مدد ڪرين. لاچار ۽ يتيم پاڻ کي تنهنجي حوالي ڪن ٿا، هنن جو مددگار تون ئي تہ آهين.


مظلومن ۽ يتيمن جون دانهون ٻڌي، تون سندن اهڙو انصاف ڪندين، جو مٽيءَ مان ٺهيل ڪو انسان وري ڪنهن تي ظلم نہ ڪري.


خدا مظلومن کي ياد رکي ٿو، ۽ انهن جون دانهون ٻڌي ٿو. هو ظالمن کان مظلومن جو بدلو وٺڻ بلڪل نہ ٿو وساري.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي يا ٻانهيءَ کي لٺ سان اهڙو ماري جو هو سندس هٿان مري پوي، تہ انهيءَ کي ضرور سزا ملڻ گھرجي.


هو اک جي عيوض اک، ڏند جي عيوض ڏند، هٿ جي عيوض هٿ ۽ پير جي عيوض پير ڏئي.


هن کي ساڙڻ جي عيوض ساڙڻ، زخم جي عيوض زخم ۽ ڌڪ جي عيوض ڌڪ جي سزا ملي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي يا ٻانهيءَ کي ڌڪ هڻي هن جو ڏند ڀڃي وجھي، تہ هو سندس ڏند جي عيوض ۾ کيس آزاد ڪري ڇڏي.“


اي مالڪؤ! اوهين بہ پنهنجن غلامن سان ساڳيو سلوڪ ڪريو. کين ڌمڪايو نہ، ڇو تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ انهن جو ۽ اوهان جو، ٻنهي جو مالڪ آسمان تي آهي ۽ اهو ڪنهن جي بہ طرفداري ڪونہ ڪندو آهي.


اهي ڪنهن سان ناانصافي نہ ڪن، نڪي ڪنهن جو لحاظ ڪن ۽ نہ وري رشوت وٺن، ڇاڪاڻ تہ رشوت سڄن کي بہ انڌو ڪريو ڇڏي ۽ سچارن جي ڳالهين کي ڦيرايو ڇڏي.


اي مالڪؤ! پنهنجن غلامن سان اهو ڄاڻيندي عدل وَ انصاف وارو سلوڪ ڪريو تہ اوهان جو بہ هڪڙو مالڪ آهي جيڪو آسمان تي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ