24 هو اک جي عيوض اک، ڏند جي عيوض ڏند، هٿ جي عيوض هٿ ۽ پير جي عيوض پير ڏئي.
24 اک جي عيوض اک، ڏند جي عيوض ڏند، هٿ جي عيوض هٿ، پير جي عيوض پير،
هن کي ساڙڻ جي عيوض ساڙڻ، زخم جي عيوض زخم ۽ ڌڪ جي عيوض ڌڪ جي سزا ملي.
ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح خدا بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو.
ٻين کي ڏيندا رهو تہ خدا کان اوهان کي بہ ملندو، بلڪ واپسيءَ ۾ اوهان کي چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وهندڙ ڪري جھول ۾ وڌو ويندو. ياد رکو، جهڙي ماپي سان اوهين ڏيندا، خدا کان تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي ماپجي ملندو.“
انهيءَ معاملي ۾ اوهين ڪو قياس نہ ڪجو، بلڪ جان جي بدران جان، اک جي بدران اک، ڏند جي بدران ڏند، هٿ جي بدران هٿ ۽ پير جي بدران پير جي سزا هوندي.“
ڇاڪاڻ تہ جن ماڻهن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن ۽ خدا جو پيغام ڏيندڙن جو رت وهايو آهي، تن کي تو رت پيئڻ لاءِ ڏنو. اهي انهيءَ جي ئي لائق آهن.“
سموئيل کيس چيو تہ ”جيئن تنهنجي تلوار ڪيترين ئي مائرن کي بياولاد ڪري ڇڏيو آهي، تيئن تنهنجي ماءُ بہ بياولاد ٿيندي.“ پوءِ سموئيل اجاج کي جِلجال ۾ قربانگاهہ وٽ قتل ڪري سندس لاش ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.