17 جيڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ تي لعنت ڪري، سو ضرور ماريو وڃي.
17 جيڪو پنهنجي پيءُ تي يا پنهنجيءَ ماءُ تي لعنت ڪري، سو ضرور ماريو وڃي.
اوهين پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو، تہ جيئن انهيءَ ملڪ ۾، جيڪو آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيندس، اوهين وڏي عرصي تائين رهو.
جيڪڏهن ٻہ ماڻهو پاڻ ۾ جھيڙو ڪن ۽ هڪڙو ٻئي کي پٿر يا ٺونشو هڻي ۽ هو مري نہ وڃي پر بستري داخل ٿئي،
جيڪو پنهنجي والدين سان گھٽ وڌ ڳالهائي ٿو، تنهن جي زندگي ائين ختم ٿي ويندي، جيئن آڌيءَ رات جي اونداهيءَ ۾ ڏيئو اجھامي وڃي.
ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي پنهنجي والدين لاءِ دعائون نہ ٿا گھرن بلڪ کين پٽ پاراتا ٿا ڏين.
جيڪو شخص پنهنجي والدين تي ٺٺوليون ٿو ڪري ۽ سندن نافرماني ٿو ڪري، تنهن جي لاش کي ڳِجھون پٽي کائينديون، هائو، ڪانوَ سندس اکين کي ٺونگا هڻي ڪڍي ڇڏيندا.
”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو پٽ ضدي ۽ فسادي هجي، جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ جو چيو نہ مڃيندو هجي ۽ جيتوڻيڪ هو کيس تنبيهہ ڪن تہ بہ سندن نہ ٻڌي،
تڏهن سندس شهر جا سڀ ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو. بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو اهو ٻڌندا ۽ ڊڄندا.“
’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ جي بيعزتي ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘