15 جيڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي ماري، سو ضرور ماريو وڃي.
15 جيڪو پنهنجي پيءُ يا پنهنجيءَ ماءُ کي ماري، سو ضرور ماريو وڃي.
پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڄاڻيواڻي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي ماري ٿو وجھي، تہ پوءِ توڙي اهو منهنجي قربانگاهہ وٽ پناهہ وڃي وٺي تہ بہ کيس اتان پري ڪيو وڃي تہ جيئن کيس ماريو وڃي.
جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي اغوا ڪري کڻي وڃي وڪڻي، يا اهو وٽانئس لڀي پوي، تہ اهو ضرور ماريو وڃي.
ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي پنهنجي والدين لاءِ دعائون نہ ٿا گھرن بلڪ کين پٽ پاراتا ٿا ڏين.
جيڪو شخص پنهنجي والدين تي ٺٺوليون ٿو ڪري ۽ سندن نافرماني ٿو ڪري، تنهن جي لاش کي ڳِجھون پٽي کائينديون، هائو، ڪانوَ سندس اکين کي ٺونگا هڻي ڪڍي ڇڏيندا.
’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي لڪي قتل ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘
اسين هي بہ ڄاڻون ٿا تہ شريعت نيڪ ماڻهن لاءِ نہ ٺهي آهي. پر اها نافرمانن ۽ فسادين، بيدينن ۽ گنهگارن، خدا جي ڳالهين کي حقير ڄاڻيندڙن ۽ ڪفر بڪندڙن لاءِ ۽ انهن لاءِ ٺهي آهي جيڪي ماءُ پيءُ کي ماريندڙ آهن ۽ جيڪي خوني آهن.