Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 21:13 - Muslim Sindhi Bible

13 پر جيڪڏهن هن جو مارڻ جو ارادو نہ هو، مگر انهيءَ واقعي ۾ مون خدا جي مرضي ائين هئي، تہ پوءِ آءٌ هڪڙي جڳهہ مقرر ڪندس، جتي هو وڃي پناهہ وٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 پر جيڪڏهن ڪو مارڻ جي ارادي سان وجهہ وٺي نہ ويٺو هجي پر خدا اهو ماڻهو اوچتو سندس هٿن ۾ آڻي وڌو هجي، تہ پوءِ آءٌ هن جي لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪندس جتي هو ڀڄي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 21:13
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر بادشاهہ ابي‌شيءَ ۽ سندس ڀاءُ يوآب کي چيو تہ ”اي ضروياہ جا فرزندؤ! انهيءَ ڳالهہ ۾ اوهان جو ڇا وڃي؟ هو لعنت انهيءَ ڪري ٿو ڪري جو خداوند هن کي چيو آهي تہ ’دائود تي لعنت ڪر.‘ تڏهن پوءِ ڪير آهي جو هن کي چوي تہ ’ائين ڇو ٿو ڪرين؟‘“


پر اشور جو شهنشاهہ خداوند جي اها ڳالهہ نہ ٿو سمجھي، انهيءَ جي ابتڙ هو پنهنجيءَ دل ۾ ڏاڍائيءَ جا منصوبا پيو جوڙي، تان‌تہ گھڻين ئي قومن کي ماري چٽ ڪري ڇڏي.


ساڳيءَ طرح هن ملڪ ۾ ڪو نيڪ ماڻهو نظر ئي نہ ٿو اچي. هائو، ڪنهن کي بہ خدا جو خوف ڪونہ آهي. هر ڪو ماڻهو ٻئي جو خون ڪرڻ لاءِ تاڙ ۾ ويٺو آهي، ۽ پنهنجي هم‌وطنن کي شڪار ڪرڻ لاءِ هر ڪو ڄار وڇايو ويٺو آهي.


اوهين لاوين کي ڇهہ شهر پناهہ جي لاءِ ڏجو، تہ جيئن جنهن ماڻهوءَ جي هٿان اتفاق سان خون ٿي پوي تہ اهو اوڏانهن ڀڄي وڃي سگھي. انهن کان سواءِ اوهين کين ٻائيتاليهہ شهر ٻيا بہ ڏجو.


”جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ميراث طور ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ پنهنجي پاڙيسريءَ جي حد جا نشان، جيڪي اوهان جي ابن ڏاڏن اوهان جي ميراث جي حصي لاءِ لڳايا هوندا، تن کي نہ هٽائجو.“


پوءِ خداوند يشوع کي فرمايو تہ


ڏسو، توهان پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي تہ خداوند توهان کي اڄ هن غار ۾ منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هو. منهنجي ڪن ماڻهن ائين بہ چيو تہ توهان کي ماري ڇڏيان، پر مون توهان کي جيئدان ڏنو. مون چيو تہ ’آءٌ پنهنجي آقا تي هٿ نہ کڻندس، ڇاڪاڻ تہ هو خداوند جو مسح ڪرايل بادشاهہ آهي.‘


تو اڄ ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي تہ تو مون سان ڪيڏي نہ چڱائي ڪئي آهي، ڇو تہ جڏهن خداوند مون کي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، تڏهن بہ تو مون کي ڪين ماريو.


تڏهن دائود کي سندس ماڻهن چيو تہ ”اڄ اهو ڏينهن اچي ويو آهي، جنهن بابت خداوند تو کي فرمايو هو تہ ’آءٌ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، پوءِ جيئن تو کي وڻي تيئن ساڻس ڪجانءِ.‘“ سو دائود اُٿي چپ چاپ وڃي سائول جي جبي جو دامن ڪپي کڻي آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ