خروج 21:1 - Muslim Sindhi Bible1 خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ ”جيڪي قانون تون بني اسرائيل کي ٻڌائيندين سي هي آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible1 هاڻي جيڪي قانون تون انهن کي ٻڌائيندين سي هي آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جڏهن بہ يهوداہ ملڪ ۾ رهندڙ اوهان جي هموطنن مان ڪنهن جو ڪو مقدمو اوهان وٽ اچي، جيڪو منجھن قتل جي باري ۾ هجي توڙي شريعت ۽ قاعدن قانونن جي باري ۾ هجي، تڏهن اوهين کين خبردار ڪجو تہ هو خداوند جا گنهگار نہ ٿين، متان اوهان تي ۽ اوهان جي هموطنن تي خدا جو غضب نازل ٿئي. جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ ڏوهاري نہ ٿيندا.