Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 20:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ڇهہ ڏينهن اوهين محنت ڪري پنهنجو سڀ ڪاروبار ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ڇهہ ڏينهن تون محنت ڪري پنهنجو سڀ ڪاروبار ڪر:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 20:9
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇهہ ڏينهن اوهين اها ماني گڏ ڪندا، پر ستين ڏينهن سبت جو ڏينهن آهي. انهيءَ ڏينهن اها ڪانہ هوندي.“


ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪريو، پر ستين ڏينهن آرام ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي ڏاندن ۽ گڏهن کي بہ آرام ملي. ساڳئي نموني اوهان جا غلام ۽ ڌاريا بہ آرام وٺي تازا توانا ٿين.


ڇهہ ڏينهن ڀلي اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪريو، پر ستون ڏينهن سبت آهي تنهن تي اوهين آرام ڪريو. اهو مون خداوند جي لاءِ مخصوص آهي. جيڪو سبت جي ڏينهن ڪو ڪم ڪندو، سو ضرور ماريو ويندو.‘


ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪندا رهجو پر ستين ڏينهن آرام ڪجو، پوءِ اهو هر ڪاهڻ يا لاباري ڪرڻ جو وقت ڇو نہ هجي.


ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪريو. پر ستون ڏينهن اوهان جي لاءِ پاڪ ڏينهن ٿيندو، ڇو تہ اهو آرام وارو ڏينهن خداوند لاءِ وقف ٿيل سبت آهي. جيڪو انهيءَ ڏينهن ڪو ڪم ڪندو سو ماريو ويندو.


سبت جي ڏينهن اوهين پنهنجن گھرن ۾ باهہ نہ ٻارجو.“


خداوند فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! هيڪل جي اندرين اڱڻ جي اوڀر طرف وارو لنگھہ ڪم ڪار وارا ڇهہ ئي ڏينهن بند رهڻ گھرجي. پر سبت جي ڏينهن تي توڙي نئين چنڊ واري ڏينهن تي اهو لنگھہ بني اسرائيل جي حڪمران لاءِ کوليو وڃي.


”ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪريو، پر ستون ڏينهن سبت آهي، تنهن تي اوهين آرام ڪريو. انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو، بلڪ عبادت لاءِ گڏ ٿجو. سبت جو ڏينهن مون خداوند لاءِ مخصوص آهي، پوءِ اوهين کڻي ڪٿي بہ رهندا هجو.“


اهو ڏسي عبادت‌خاني جي اڳواڻ کي ڪاوڙ لڳي، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ سبت جي ڏينهن بيمار کي شفا بخشي هئي. تنهنڪري هو ماڻهن کي چوڻ لڳو تہ ”هفتي ۾ ڇهہ ڏينهن آهن جن ۾ ڪم ڪار ڪرڻ جائز آهي. سو انهن ڏينهن تي ڀلي اچو ۽ شفا پايو، پر سبت جي ڏينهن تي نہ.“


ڇهہ ڏينهن اوهين محنت ڪري پنهنجو سڀ ڪاروبار ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ