Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 20:23 - Muslim Sindhi Bible

23 اوهين پنهنجي لاءِ سون يا چانديءَ جا معبود ٺاهي، انهن کي مون سان گڏ شريڪ نہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 اوهين مون سان گڏ ٻين معبودن کي نہ مڃو، نڪي پنهنجي لاءِ چانديءَ يا سون جا معبود جوڙيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 20:23
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي خداوند جي عبادت تہ ڪندا هئا، پر هو پنهنجن ملڪن جي ريتن رسمن موجب پنهنجن معبودن جي پوڄا پڻ ڪندا هئا.


جيتوڻيڪ هي قومون خداوند جي عبادت تہ ڪنديون هيون، تڏهن بہ انهيءَ سان گڏ هو پنهنجن ٺاهيل بتن کي بہ پوڄينديون هيون. اڄ ڏينهن تائين سندن اولاد ۽ سندن اولاد جو اولاد بہ پنهنجي ابن ڏاڏن وانگر ائين ئي ڪندو ٿو اچي.


پوءِ موسيٰ موٽي خداوند وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”افسوس! هنن ماڻهن وڏو گناهہ ڪيو آهي جو پنهنجي لاءِ سون جو معبود ٺاهيائون.


اوهين پنهنجي لاءِ ڌاتوءَ مان پلٽيل معبود نہ ٺاهجو.


سو هاڻ اي بني اسرائيل! جيڪڏهن منهنجي ٻڌڻ نہ ٿا چاهيو تہ پوءِ ڀلي وڃو ۽ وڃي پنهنجن بتن جي پوڄا ڪندي سندن آڏو نذرانا پيش ڪريو جنهن ڪم ڪرڻ ڪري منهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي ٿي ٿئي. پر آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان تہ اوهان کي انهيءَ ڪم کان آءٌ جلد باز آڻيندس.


ان کان علاوہ بني اسرائيل جي بادشاهن پنهنجا محلات منهنجي هيڪل جي ايترو تہ ويجھو ڪري جوڙايا جو هنن جي ۽ منهنجي هيڪل جي وچ ۾ رڳو هڪڙي ڀت هئي ۽ هنن جي محلاتن جا دروازا منهنجي هيڪل ۾ ٿي کُليا. هائو، هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪري منهنجي نالي جي بي‌حرمتي ڪئي، تنهنڪري مون پنهنجو غضب نازل ڪري کين فنا ڪري ڇڏيو.


اٽلندو عرش عظيم جي مالڪ آڏو تو پاڻ کي مٿاهون بڻايو آهي. ايتري قدر جو سندس هيڪل جا ٿانوَ تو پاڻ وٽ گھرايا ۽ تو، تنهنجي اميرن، تنهنجين زالن ۽ سريتن انهن ۾ مئي پيتي آهي. انهيءَ کان علاوہ تو چانديءَ، سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر جي انهن بتن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي نہ ڏسن ٿا، نڪي ٻڌن ٿا ۽ نہ وري ڪجھہ ڄاڻين ٿا. پر جنهن خدا جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي قبضي ۾ تنهنجيون سموريون راهون آهن، تنهن جي وڏائي تو بيان نہ ڪئي آهي.


هو مئي پيئڻ سان گڏ سون، چانديءَ، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر مان ٺهيل پنهنجي معبودن جي تعريف ۽ واکاڻ ڪندا ٿي رهيا.


اوهين مون کي ڇڏي بتن ڏانهن نہ ڦرجو ۽ نڪي پنهنجي لاءِ ڌاتوءَ جا پلٽيل معبود بڻائجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


آءٌ انهن کي بہ فنا ڪري ڇڏيندس، جيڪي گھرن جي ڇتين تي آسماني ستارن ۽ سيارن کي سجدا ٿا ڪن، ۽ انهن کي بہ جيڪي مون خداوند کي سجدو تہ ڪن ٿا، ۽ منهنجي تابعداريءَ جي دعويٰ ڪن ٿا، پر ان سان گڏوگڏ هو مولڪ ديوتا جو بہ قسم کڻن ٿا.


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو تراشي يا پلٽي هٿرادو مورتي جوڙي ٿو، جنهن کان خدا کي نفرت آهي ۽ پوءِ هو انهيءَ کي پوڄا لاءِ ڪنهن لڪل جاءِ تي ٿو رکي.‘ پوءِ سڀ ماڻهو ورندي ڏيئي چون ’آمين.‘


اوهان انهن جون ڪراهت جهڙيون شيون يعني ڪاٺيءَ، پٿر، چانديءَ ۽ سون جا بت بہ ڏٺا.


پر ڪتا، يعني جادوگر، زناڪار، قاتل، بت‌پرست، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شهر کان ٻاهر هوندا.


پوءِ هن اُهي يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا پنهنجيءَ ماءُ کي موٽائي ڏنا. تڏهن ماڻس دعا گھرندي چيو تہ ”اي خداوند! پنهنجي پٽ لاءِ آءٌ اها چاندي تنهنجي نذر ٿي ڪريان، جنهن مان اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل هڪڙو بت ٺهرايو ويندو. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي پٽ کي تو ڏانهن موٽائي ٿي آڻيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ