Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 20:20 - Muslim Sindhi Bible

20 موسيٰ کين وراڻيو تہ ”ڊڄو نہ، خدا اوهان جي رڳو آزمائش وٺڻ آيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سندس خوف رکندي گناهہ نہ ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 پر موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو خدا اوهان جي آزمائش وٺڻ آيو آهي، تہ هن جو خوف اوهان جي سامهون رهي، ۽ اوهين گناهہ نہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 20:20
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابراهيم جواب ڏنو تہ ”مون سمجھيو تہ هتي ڪنهن کي بہ خدا جو خوف ڪونهي، سو منهنجي زال هٿ ڪرڻ لاءِ اهي مون کي ماري وجھندا.


ڪجھہ وقت کان پوءِ خدا ابراهيم جي آزمائش ورتي. کيس سڏ ڪيائين تہ ”اي ابراهيم!“ ابراهيم جواب ڏنو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“


خداوند چيس تہ ”ڇوڪر کي زخم نہ رساءِ ۽ ڪجھہ بہ نہ ڪرينس. هاڻ مون کي خبر پئي تہ مون خدا جو تون خوف رکين ٿو، ڇو تہ تو پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجھي نہ رکيو آهي.“


پر مون کان اڳ وارا گورنر عوام تي ڳرو ٻوجھہ هئا ۽ کانئن روزاني جي کاڌي پيتي لاءِ چانديءَ جا چاليهہ سڪا وٺندا هئا، بلڪ انهن جا نوڪر بہ عوام تي صاحبي هلائيندا هئا. پر مون خدا جي ڊپ کان ائين نہ ڪيو.


تڏهن خدا انسان کي چيو تہ ”ياد رک، مون خداوند جو خوف رکڻ ئي ڏاهپ آهي، ۽ برائيءَ کان پري رهڻ ئي دانائي آهي.“


تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”ڊڄو نہ، بيٺا رهو ۽ خداوند جو ڇڏائڻ ڏسو جيڪو اڄ ئي اوھان لاءِ ٿيندو. اوهين جن مصرين کي اڄ ڏسي رهيا آهيو، تن کي وري ڪڏهن بہ ڪين ڏسندا.


خداوند جو خوف رکو، ڇاڪاڻ تہ اها ئي سمجھہ جي شروعات آهي. جيڪي ڏاهپ ۽ سٺي تربيت حاصل ڪرڻ کان انڪار ٿا ڪن سي بي‌عقل آهن.


شفقت ۽ سچائيءَ جي وسيلي گناهن جو ڪفارو ادا ڪري سگھجي ٿو، بلڪ خداوند جو خوف رکڻ سان انسان بڇڙائيءَ کان باز رهي سگھي ٿو.


اوهين پنهنجو پاڻ کي گھڻو عقلمند نہ سمجھو، بلڪ خداوند کان ڊڄندا رهو ۽ بڇڙائيءَ کان پري ڀڄو.


تنهنڪري اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. اوهين خوف وچان گھٻرايو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندس ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي پوري حفاظت ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندس.


آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندي چوان ٿو تہ ڊڄو نہ، آءٌ اوهان جي مدد ڪندس.“


ياد رکو، اوهين رڳو مون قادرِمطلق خداوند کي پاڪ ڄاڻو، مون کان ئي ڊڄو ۽ منهنجو ئي خوف رکو.


”هاڻي اي بني اسرائيل! خداوند اوهان جو خدا اوهان کان ڇا ٿو گھري؟ رڳو ايترو تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو، سندس سڀني واٽن تي هلو، ساڻس محبت رکو ۽ پنهنجي پوري دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو.


تڏهن اوهين انهيءَ نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ واري جي ڳالهہ اصل نہ ٻڌجو. خداوند اوهان جو خدا اوهان کي آزمائي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ معلوم ڪري تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوري دل وَ جان سان پيار ڪريو ٿا يا نہ.


خاص ڪري انهيءَ ڏينهن واريون ڳالهيون کين سيکارجو، جنهن ڏينهن اوهين سينا جبل وٽ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺا هئا. ان وقت خداوند مون کي فرمايو هو تہ ’بني اسرائيل قوم کي منهنجي اڳيان آڻي گڏ ڪر، تہ آءٌ انهن کي پنهنجو فرمان ٻڌايان، انهيءَ لاءِ تہ هو پنهنجي سڄي حياتي جيستائين هو زمين تي جيئرا رهن تيستائين مون کان ڊڄڻ سکن ۽ پنهنجن ٻارن کي بہ اهو سيکارين.‘


انهيءَ لاءِ تہ اوهين پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن سوڌو خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو. هن جي سڀني قانونن ۽ حڪمن، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، تن تي پنهنجي سڄي عمر عمل ڪريو تہ اوهين اتي گھڻي عرصي تائين رهو.


سو خداوند اسان کي حڪم ڏنو تہ اسين انهن سڀني قانونن تي عمل ڪريون ۽ خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهون، تہ هميشہ اسان جو ڀلو ٿئي ۽ هو اسان کي اڄوڪي ڏينهن وانگر جيئرو رکي.


هن اوهان کي بيابان ۾ اها مَنَ کارائي، جنهن جي اوهان جي ابن ڏاڏن کي خبر بہ ڪانہ هئي. هن اوهان کي عاجز ڪري آزمايو، انهيءَ لاءِ تہ پڇاڙيءَ ۾ اوهان سان ڀلائي ڪري.


اوهين انهيءَ سڄي رستي کي ياد رکجو، جنهن تي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي چاليهہ سال بيابان ۾ هلايو، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي عاجز ڪري آزمائي ۽ اوهان جي دل جي ڳالهہ معلوم ڪري تہ اوهين هن جي حڪمن تي عمل ڪندا يا نہ.


يشوع پنهنجي ڳالهہ جاري رکندي وڌيڪ چيو تہ ”سو هاڻ اوهين خداوند جو خوف رکو ۽ سچي نيت ۽ وفاداريءَ سان سندس عبادت ڪريو. جن معبودن جي اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ۽ مصر ۾ پوڄا ڪندا هئا تن کي اوهين اڇلائي ڇڏيو ۽ رڳو خداوند جي عبادت ڪريو.


تڏهن سموئيل ماڻهن کي چيو تہ ”ڊڄو نہ. هيءَ سموري بڇڙائي تہ اوهان برابر ڪئي آهي، پر تنهن هوندي بہ خداوند جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کان نہ ڦرو، بلڪ اوهين پنهنجي دل وَ جان سان خداوند جي عبادت ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ