Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 20:17 - Muslim Sindhi Bible

17 اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي گھر جي لالچ نہ ڪريو، نہ سندس زال جي لالچ ڪريو، نڪي سندس ٻانهي، سندس ٻانهيءَ، سندس ڍڳن، سندس گڏهہ ۽ نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڪنهن ٻيءَ شيءِ جي لالچ ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي گهر جي لالچ نہ ڪر؛ تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال يا سندس غلام، يا سندس ٻانهيءَ، يا سندس ڍڳي، يا سندس گڏهہ جي لالچ نہ ڪر؛ مطلب تہ پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڪنهن بہ شيءِ جي لالچ نہ ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 20:17
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تنهنجي ڪابہ شيءِ نہ رکندس، توڙي جو هڪڙو ڌاڳو يا جتيءَ جي ڪهي هجي، ڇو تہ متان تون ائين چوين تہ ’آءٌ ئي اهو واحد شخص آهيان، جنهن ابرام کي شاهوڪار ڪيو.‘


عورت ڏٺو تہ وڻ ڏسڻ ۾ ڪهڙو نہ سهڻو آهي ۽ ان جو ميوو کائڻ ۾ ڪيڏو نہ سٺو هوندو، سو سندس دل چاهڻ لڳي تہ ”آءٌ اهو کائي سمجھہ حاصل ڪريان.“ تڏهن ان ميوي مان ٿورو کڻي کاڌائين. پوءِ ان منجھان ٿورو پنهنجي مڙس کي بہ ڏنائين ۽ ان بہ کاڌو.


پوءِ ڀلا هنن جا ڍور ڍڳا، مال ملڪيت ۽ جانور سڀ اسان جا نہ ٿيندا ڇا؟ تنهنڪري اچو تہ اسين هنن جي ڳالهہ مڃون تہ جيئن هو اسان سان گڏجي رهن.“


”مون قسم کڻي ڇڏيو آهي تہ ڪنهن ڇوڪريءَ ڏانهن، بلڪ ڪنهن بہ عورت ڏانهن بريءَ نظر سان ڪڏهن نہ ڏسندس.


جيڪڏهن مون ڪنهن ٻئي جي زال جي خواهش بہ ڪئي هجي، ۽ انهيءَ لاءِ آءٌ پاڙيسريءَ جي در کي تاڙي ويٺو هجان،


بڇڙا پنهنجي نفساني خواهشن تي فخر ٿا ڪن. لالچي خداوند کي ڇڏي ٿا ڏين ۽ ان جي توهين ٿا ڪن.


اي خداوند! منهنجيءَ دل کي دنياداريءَ کان بچائي، پنهنجي حڪمن ڏانهن مائل ڪر.


سوچ ويچار ڪرڻ ۾ خبرداريءَ کان ڪم وٺو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي زندگي اوهان جي خيالن سان ئي گھڙجي تيار ٿئي ٿي.


ساڳيءَ طرح جيڪو ڪنهن ٻئي جي زال سان صحبت ٿو ڪري، ڇا اهو سزا کان بچندو؟


مثال طور ڪنهن ماڻهوءَ کي نہ اولاد آهي ۽ نہ وري ڪو ڀاءُڀيڻ اٿس، بلڪل اڪيلو ئي آهي. تنهن هوندي بہ اهو هميشہ سخت پورهيو ڪندو ٿو رهي پر دولت مان ڍاپجي نہ ٿو. ڀلا اهو ڪنهن جي لاءِ هيتري ساري محنت ٿو ڪري ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجھي؟ اهڙي تڪليف واري زندگي گذارڻ بہ سمجھہ کان مٿاهين آهي.


پر اي يروشلم وارؤ! اوهين تڏهن بچي سگھو ٿا، جڏهن اوهان جا قول ۽ فعل حق تي ٻڌل هوندا، جڏهن اوهين ظلم جي وسيلي نفعو حاصل ڪرڻ کان نفرت ڪندا، جڏهن اوهين رشوت کي ٿُڏي ڇڏيندا، جڏهن اوهين خونريزيءَ جي منصوبن ۾ شريڪ نہ ٿيندا، ۽ هر قسم جي بڇڙاين کان پري رهندا.


آءٌ سندن لالچ واري بڇڙائيءَ تي ڪاوڙيو هئس، سو مون کين سزا ڏني، ۽ ڪاوڙجي هنن کان منهن موڙي ڇڏيو هئم. پر اهي پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا، ۽ پنهنجي دلپسند رستي تي هلندا رهيا.


پر تنهنجيون اکيون ۽ تنهنجي دل رڳو حرام جي مال، بي‌گناهہ جي رت وهائڻ ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ تي کتل آهن.


اوهين پيٽ ڀريل شهوتي گھوڙا ٿي پيا آهيو، هر ڪو ٻئي جي زال جي پٺيان هڻڪار ڪندو ٿو ڦري.


سو اهي سڀ ٽولا ٽولا ٿي تو وٽ اچن ٿا ۽ تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن ٿا. پر هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين تي عمل نہ ٿا ڪن. اهي هميشہ شهوت‌پرستيءَ جون ڳالهيون ڪندا ٿا رهن ۽ ٺڳيءَ ذريعي ٻين کي لٽڻ ڦرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.


هو ماڻهن ۽ سندن گھراڻن تي ظلم ڪندي سندن ميراث کسي ٿا وٺن. هائو، اهي لالچ ڪندي ماڻهن جون ٻنيون ۽ گھر زبردستيءَ سان هٿ ٿا ڪن.


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي ناجائز ڪمائيءَ سان پنهنجا گھر ٿا ڀريو، ۽ پنهنجا آکيرا تمام اوچي هنڌ ٿا اڏيو، تہ جيئن مصيبت جي چنبي کان بچي سگھو.


ڇا مون کي اهو حق نہ آهي جو پنهنجي پئسي کي جيئن وڻي تيئن خرچ ڪريان؟ منهنجي سخاوت تي تو کي حسد ٿو ٿئي ڇا؟‘“


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو ماڻهو ڪنهن عورت ڏانهن بري نظر سان ٿو ڏسي، سو پنهنجيءَ دل ۾ ان عورت سان زنا ڪري چڪو.


پوءِ هن سڀني کي چيو تہ ”خبردار ٿجو ۽ پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇاڪاڻ تہ ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻهوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“


فريسي، جن کي دولت سان پيار هو، سي عيسيٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.


مون ڪنهن کان بہ سون، چانديءَ يا ڪپڙي جي لالچ نہ رکي.


جيئن ٻني وڪڻڻ کان اڳ تنهنجي ئي ملڪيت هئي، تيئن اها وڪڻڻ کان پوءِ ان جا پئسا بہ تنهنجا ئي هئا. پوءِ تو ڇو دل ۾ اهڙو ڪم ڪرڻ جو خيال ڪيو؟ تو ماڻهن سان نہ پر خدا سان ڪوڙ ڳالهايو آهي.“


هائو، شريعت جي هنن حڪمن يعني ”زنا نہ ڪر، خون نہ ڪر، چوري نہ ڪر ۽ لالچ نہ ڪر“ سان گڏوگڏ جيڪي بہ حڪم آهن سي سڀ هن هڪڙيءَ ڳالهہ ۾ اچي وڃن ٿا تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“


پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ شريعت خود گناهہ آهي؟ نہ، بلڪل نہ. جيڪڏهن شريعت نہ هجي ها تہ مون کي گناهہ جي خبر نہ پوي ها. جيڪڏهن شريعت نہ چوي ها تہ ”لالچ نہ ڪر“ تہ مون کي لالچ جي خبر ئي نہ پوي ها.


چور، لالچي، شرابي، بدزبان ۽ ڌاڙيل خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار هرگز نہ ٿيندا.


جيئن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ مناسب آهي، تيئن اوهان ۾ زناڪاري، ڪنهن بہ قسم جي حرامڪاري يا لالچ جو نالو بہ نہ هئڻ کپي.


ياد رکو تہ ڪوبہ زناڪار يا ڪوبہ حرامڪار يا ڪوبہ لالچي ماڻهو جيڪو بت‌پرست جي برابر آهي، تنهن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاهيءَ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي.


اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي لالچ نہ ڪريو، نہ سندس گھر جي، نڪي سندس ٻنيءَ، سندس ٻانهي، سندس ٻانهيءَ، سندس ڍڳن، سندس گڏهہ ۽ نہ وري پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڪنهن ٻيءَ شيءِ جي لالچ ڪريو.‘


اوهين انهن جي معبودن جي تراشيل مورتين کي ساڙي ڇڏجو. جيڪا چاندي يا سون انهن تي هجي تنهن جي اوهين لالچ نہ ڪجو، نڪي اهي پنهنجي لاءِ کڻجو، متان اوهين انهن ۾ ڦاسي پئو، ڇاڪاڻ تہ اها ڳالهہ خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙي آهي.


اهڙن ماڻهن جي پڇاڙي بربادي آهي، انهن جو خدا سندن پيٽ آهي، اهي پنهنجي شرمناڪ ڳالهين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو دنياوي شين جو فڪر ٿو رهي.


تنهنڪري اوهين پنهنجين دنياوي عادتن کي ختم ڪري ڇڏيو، يعني حرامڪاري، ناپاڪائي، شهوت‌پرستي، بريون خواهشون ۽ لالچ، جيڪا بت‌پرستيءَ جي برابر آهي.


پئسي سان پيار نہ رکو. جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو، ڇاڪاڻ تہ خدا پاڻ فرمايو آهي تہ ”آءٌ هميشہ تو ساڻ آهيان. آءٌ تو کي ڪڏهن بہ ڇڏي نہ ڏيندس.“


لُٽ جي مال ۾ مون بابل ملڪ جي هڪڙي سهڻي پوشاڪ، اٽڪل ٻہ ڪلوگرام چاندي ۽ تقريباً اڌ ڪلو تور جي هڪ سوني سر ڏٺي. مون کي انهن جي لالچ ٿي، سو مون اهي کڻي ورتيون. هاڻي اهي منهنجي تنبوءَ ۾ زمين اندر پوريل آهن، چاندي سڀني جي هيٺان آهي.“


اِجھو آءٌ حاضر آهيان. سو اوهين خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اڳيان ڀلي مون تي شاهدي ڏيو تہ ڇا مون ڪنهن کان ڪو ڏاند يا گڏهہ کسيو آهي؟ ڇا مون ڪنهن سان ڪا ٺڳي ڪئي آهي؟ يا ڪنهن تي ڪو ظلم ڪيو اٿم؟ ڇا مون ڪنهن کان رشوت وٺي ڪنهن جو ڏوهہ نظرانداز ڪيو آهي؟ ٻڌايو، جيڪڏهن مون انهن مان ڪوبہ ڪم ڪيو آهي تہ اهو موٽائي ڏيڻ لاءِ آءٌ حاضر آهيان.“


پوءِ ڇو تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو؟ بلڪ لٽ جي مال تي ڪاهي پئين. اهو اهڙو ڪم ڪيو اٿيئي جيڪو خداوند جي نظر ۾ برو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ