Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 2:20 - Muslim Sindhi Bible

20 تڏهن هن پنهنجي ڌيئرن کي چيو تہ ”اهو ماڻهو ڪٿي آهي؟ اوهين ڇو انهيءَ کي ڇڏي آيون آهيو؟ سڏي اچوس تہ ماني کائي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 تڏهن هن پنهنجين ڌيئرن کي چيو تہ اهو ماڻهو ڪٿي آهي، اوهين ڇو انهيءَ کي ڇڏي آيون آهيو؟ سڏي اچوس تہ ماني کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 2:20
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ مانيءَ ٽڪر بہ کڻي ٿو اچان، سو کائي تازا توانا ٿيو ۽ پوءِ ڀلي هليا وڃجو. منهنجي گھر اچي اوهان مون کي عزت بخشي آهي، سو مون کي پنهنجي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏيو.“ انهن وراڻيو تہ ”چڱو، جيئن وڻيئي تيئن وڃي ڪر.“


جڏهن لابن پنهنجي ڀاڻيجي يعقوب جي خبر ٻڌي تہ ساڻس ملڻ لاءِ ڊوڙندو آيو. کيس ڀاڪر پائي چميائين ۽ پنهنجي گھر وٺي آيس. جڏهن يعقوب لابن کي سڄو احوال ٻڌايو،


پوءِ يعقوب انهيءَ جبل تي قرباني ڪئي ۽ پنهنجي مائٽن کي مانيءَ جي دعوت ڏنائين. ماني کائڻ کان پوءِ انهن رات اتي ئي گذاري.


پوءِ انهن اها سوکڙي تيار ڪري رکي تہ منجھند جو جڏهن يوسف اچي تہ کيس ڏجي، ڇو تہ کين ٻڌايو ويو هو تہ ”اوهان جي ماني هتي آهي.“


مون هر مسافر کي دعوت ڏيئي پنهنجي گھر ۾ رهايو آهي، ڪنهن بہ پرديسيءَ کي گھٽيءَ ۾ سمهڻ نہ ڏنو اٿم.


تڏهن سندس سڀيئي ڀائر ڀينر ۽ اهي ماڻهو جن جي اڳي ساڻس واقفيت هئي، سي وٽس آيا. ساڻس گڏ ماني کاڌائون ۽ هن لاءِ افسوس ڪيائون ۽ جيڪا مصيبت خداوند مٿس نازل ڪئي هئي تنهن بابت کيس تسلي ڏنائون. انهن مان هر هڪ ڪجھہ چاندي ۽ هڪ هڪ سوني والي کيس نذراني طور ڏني.


هنن ٻڌايس تہ ”هڪڙي مصريءَ اسان کي ڌنارن جي هٿان ڇڏايو ۽ اسان جي لاءِ پاڻي ڪڍي ڌڻ کي پيئاريائين.“


پوءِ موسيٰ يٿرو جي گھر ۾ رهڻ لڳو. يٿرو پنهنجي ڌيءَ صفورہ موسيٰ کي پرڻائي ڏني


اها هر چڱي ڪم ڪرڻ ۾ مشغول رهي هجي، جنهن جي شاهدي ماڻهو ڏيندا هجن، مثال طور ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪئي هجائين، پيار ۽ نماڻائيءَ سان مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي خدمت ڪئي هجائين ۽ ڏکويلن جي مدد ڪئي هجائين.


مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪرڻ نہ وسارجو، ڇاڪاڻ تہ مهمان‌نوازي ڪرڻ سان ڪن ماڻهن اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ملائڪن جي مهمان‌نوازي ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ