Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 2:15 - Muslim Sindhi Bible

15 فرعون جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن موسيٰ کي مارائڻ جو ارادو ڪيائين. پر موسيٰ فرعون وٽان ڀڄي ويو ۽ وڃي مديان جي علائقي ۾ رهڻ لڳو. هڪ ڏينهن جڏهن موسيٰ هڪڙي کوهہ وٽ ويٺو هو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 هاڻي جڏهن فرعون اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن موسيٰ کي مارائڻ جو ارادو ڪيائين، پر موسيٰ، فرعون جي منهن تان ٽري ڀڄي ويو ۽ وڃي مديان جي ملڪ ۾ رهڻ لڳو؛ ۽ هڪڙي کوهہ وٽ وڃي ويٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 2:15
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُتي شام جو شهر جي ٻاهران کوهہ وٽ اٺ آڻي جھڪايائين. انهيءَ وقت عورتون اتي پاڻي ڀرڻ اينديون هيون.


انهيءَ کي ابراهيم مان زمران، يقشان، مدان، مديان، اسباق ۽ سوخ ڄاوا.


مديان جا پٽ عيفاہ، عِفر، حنُوڪ، ابيداع ۽ الداعاہ هئا. اهي سڀ قطوراہ جو اولاد هئا.


اتي هن ڏٺو تہ ميدان ۾ هڪڙو کوهہ آهي جنهن جي ڀر ۾ ٽي ڌڻ رڍن جا ويٺا آهن، ڇاڪاڻ تہ ريڍار انهيءَ ئي کوهہ مان ڌڻن کي پاڻي پيئاريندا هئا. انهيءَ کوهہ جي منهن تي هڪ وڏو پٿر رکيل هو.


هو مديان مان روانا ٿيا ۽ فاران ۾ آيا. اتان ماڻهو پاڻ سان کڻي مصر ۾ اُتي جي بادشاهہ فرعون وٽ آيا، جنهن هدد کي هڪڙو گھر ۽ ڪجھہ ٻني ڏني ۽ کيس کاڌو بہ مهيا ڪري ڏنو.


هن ٻئي پٽ جو نالو ”اليعزر“ هي چئي رکيو هو تہ ”منهنجي پيءُ جو خدا منهنجو مددگار ٿيو آهي ۽ هن مون کي فرعون جي تلوار کان بچايو آهي.“


موسيٰ اڃا مديان ۾ ئي هو تہ خداوند چيس تہ ”مصر ڏانهن موٽي وڃ، ڇاڪاڻ تہ جن ماڻهن تو کي مارڻ ٿي گھريو سي مري ويا آهن.“


سياڻو ماڻهو مصيبت کي ايندو ڏسي پاسو ڪريو وڃي، مگر بي‌سمجھہ ماڻهو سڌو اوڏانهن وڌيو وڃي، ۽ پوءِ مصيبت ۾ ڦاسيو پوي.


آءٌ ڪوشن ملڪ جي گھراڻن کي مصيبت ۾ ڏسان ٿو، مديان ملڪ جي رهاڪن کي ڏڪندي ڏسان ٿو.


جڏهن ماڻهو اوهان کي ڪنهن شهر ۾ ستائين تہ اوهين هڪدم ٻئي شهر ڏانهن هليا وڃجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اوهين اسرائيل جي سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پنهنجو ڪم ختم ئي نہ ڪندا تہ ابنِ آدم اچي پهچندو.


انهيءَ ٻنيءَ ۾ يعقوب جو کوهہ هو. عيسيٰ مسافريءَ جي ڪري ٿڪجي پيو هو، سو کوهہ جي ڀرسان ويهي رهيو. اهو اٽڪل منجھند جو وقت هو.


اهو ٻڌي موسيٰ وٺي ڀڳو ۽ مديان جي ملڪ ۾ وڃي اجنبي ٿي رهيو، جتي کيس ٻہ پٽ ڄاوا.


ايمان جي ڪري ئي بادشاهہ جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪندي موسيٰ مصر کي ڇڏي ڏنو. ائين هو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ خدا کي ڄڻ تہ ڏسي ڪري ثابت قدم رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ