Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 19:22 - Muslim Sindhi Bible

22 مذهبي اڳواڻ بہ، جيڪي مون وٽ اچن ٿا سي پاڻ کي پاڪ ڪن، تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ مٿن اچي ڪڙڪان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ ڪاهن بہ، جيڪي خداوند جي حضور ۾ اچن، سي پاڻ کي پاڪ ڪن، تہ ائين نہ ٿئي جو خداوند مٿن ڪڙڪي پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 19:22
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڳئين ڀيري جڏهن اوهان پاڻ انهيءَ کي نہ کنيو هو، تڏهن خداوند اسان جو خدا اسان تي ڏمريو هو، ڇاڪاڻ تہ اسان کانئس پڇا ڪانہ ڪئي هئي تہ اها ڪهڙيءَ طرح کڻي هلون.“


هنن ٻئي مهيني جي چوڏهين تاريخ تي عيد فصح جا گھيٽا ذبح ڪيا. ڪاهن ۽ لاوي جيڪي اڃا پاڪ نہ ٿيا هئا تن پشيمان ٿي پاڻ کي پاڪ ڪيو ۽ پوءِ ماڻهن طرفان خداوند جي هيڪل آڏو ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪرڻ لاءِ


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هيٺ لهي وڃي هارون کي پاڻ سان مٿي وٺي اچ. پر مذهبي اڳواڻ ۽ ٻيا ماڻهو حد اورانگھي مون وٽ مٿي نہ اچن، تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ مٿن اچي ڪڙڪان.“


هاڻي جيڪڏهن اوهين منهنجي فرمانبرداري ڪندا ۽ منهنجي عهد تي قائم رهندا، تہ اوهين سڀني قومن منجھان منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا. جيتوڻيڪ سڄي دنيا منهنجي آهي،


هن بني اسرائيل جي ڪن جوانن کي موڪليو، جن ساڙڻ واريون قربانيون ڪيون ۽ خداوند جي لاءِ ڏاندن کي ڪهي سلامتيءَ جون قربانيون ڪيون.


اي خداوند جي هيڪل جو سامان کڻي هلڻ وارؤ! روانا ٿيو، هائو، اوهين بابل شهر مان نڪري وڃو. اوهين ڪنهن بہ ناپاڪ شيءِ کي نہ ڇُهو، بلڪ پاڪيزگيءَ سان انهيءَ منجھان نڪري وڃو.


هو مون پنهنجي خدا جي لاءِ مخصوص رهي ۽ منهنجي نالي جي بي‌حرمتي نہ ڪري. جيئن تہ هو مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ جي خوراڪ پيش ٿو ڪري، تنهنڪري هو مخصوص رهي.


تون بني اسرائيل جي ماڻهن کي چئُہ تہ هو سڀاڻي جي لاءِ پاڻ کي پاڪ ڪن، کائڻ لاءِ کين گوشت ملندو. جيئن تہ مون خداوند کين ميڪندي ۽ اهو چوندي ٻڌو آهي تہ ’ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو، هتي کان تہ مصر ۾ اسان جو حال چڱو هو.‘ تنهنڪري آءٌ خداوند کين گوشت ڏيندس ۽ هو اهو کائين.


انهيءَ دم هوءَ بہ سندس پيرن وٽ ڪري پيئي ۽ مري ويئي. جوان ماڻهو اندر آيا ۽ هن کي مئل ڏسي کيس ٻاهر کڻي ويا ۽ سندس مڙس جي ڀرسان وڃي دفن ڪيائونس.


حننياہ اهو ٻڌڻ شرط هيٺ ڪري پيو ۽ مري ويو. جن بہ اهو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ