Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 19:18 - Muslim Sindhi Bible

18 سڄو سينا جبل دونهين سان ڍڪجي ويو، ڇاڪاڻ تہ خداوند باهہ جي وچ ۾ انهيءَ تي لٿو. اهو دونهون کُوري جي دونهين وانگر مٿي چڙهڻ لڳو ۽ سڄو جبل زور سان ڌڏڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ سينا جبل دونهين سان ڍڪجي ويو، ڇالاءِ جو خداوند باهہ جي صورت ۾ انهيءَ تي لٿو؛ ۽ انهيءَ جو دونهون کوري جي دونهين وانگر مٿي چڙهڻ لڳو، ۽ سارو جبل ڌڏڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 19:18
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند اهو شهر ۽ منارو ڏسڻ لاءِ لهي آيو جيڪو انهن ماڻهن ٺاهيو هو.


پوءِ جڏهن سج لهي چڪو ۽ اوندهہ ٿي، تڏهن هڪ دکندڙ تنور ۽ هڪڙي ٻرندڙ مشعل اوچتو انهن جانورن جي ٻنهي پاسي وارن ٽُڪرن وچان لنگھندي ڏسڻ ۾ آئي.


هن سدوم، عموراہ ۽ سڄي ميدان ڏانهن نهاريو ۽ ڏٺائين تہ انهيءَ زمين جو دونهون کُوري جي دونهين وانگر مٿي پيو چڙهي.


تون عرش عظيم کان سينا جبل تي لهي آئين، ۽ انهن سان اچي ڳالهيون ڪيون. تو انهن کي قاعدا قانون ڏنا، جيڪي سچا ۽ صحيح آهن. تو هنن کي پنهنجا حڪم ڏنا جيڪي چڱا آهن.


هو جڏهن ڌرتيءَ ڏانهن نهاري ٿو تہ اها ڏڪيو ٿي وڃي. هو جڏهن جبلن کي ڇُهي ٿو تہ انهن مان بہ دونهون ٿو نڪري.


ٽڪريون توڙي جبل ٿڙڪڻ لڳا، بلڪ منجھن رڍن ٻڪرين وانگر ڦڙڦوٽ پئجي ويئي.


اي ڌرتي! تون بہ ڏڪي ويندينءَ، جڏهن يعقوب جو خدا تو کي اچي ويجھو ٿيندو.


تنهن هوندي بہ اي خداوند! آسمان کي چيري هيٺ اچي نازل ٿيءُ. تون جبلن کي ڇُهُہ تہ انهن مان دونهون نڪري،


پوءِ خداوند آسمان کي چيري اچي نازل ٿيو، هن جي پيرن هيٺان طوفاني ڪڪر هئا.


تو پنهنجي ميراث واري ملڪ ۾ جھجھو مينهن وسايو هو. جڏهن ملڪ ٺوٺ ٿي رهيو هو، تڏهن تو انهيءَ کي تازگي بخشي هئي.


تنهنجي گجگوڙ جو آواز واچوڙي منجھہ ٿيو آهي. وڄ جهان کي روشن ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڌرتي ڌڏي ۽ ڪنبي ويئي آهي.


تنهنجي واٽ سمنڊ جي وچان آهي، تنهنجو رستو وڏن بحرن مان آهي، توڙي تنهنجي پيرن جا ڪي بہ نشان نہ ٿا ڏسجن.


سو جيڪو ائين ڪري تنهن کي سنگسار ڪيو وڃي، يا تيرن سان ماريو وڃي، پر کيس هٿ بلڪل نہ لاتو وڃي، پوءِ اهو حيوان هجي توڙي انسان، تنهن کي جيئرو نہ ڇڏيو وڃي. پر جڏهن نفيل جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي تڏهن انهن کي جبل وٽ اچڻ جي اجازت آهي.“


تڏهن موسيٰ ماڻهن کي خدا سان ملائڻ لاءِ خيمن کان ٻاهر وٺي آيو ۽ اهي جبل جي پاڙ ۾ اچي بيٺا.


پوءِ جڏهن سڀني ماڻهن گجگوڙ ۽ نفيل جو آواز ٻڌو ۽ وڄ ۽ جبل تان دونهون اٿندي ڏٺو، تڏهن خوف کان ڏڪي ويا ۽ پري وڃي بيٺا.


بني اسرائيل کي جبل جي چوٽيءَ تي خداوند جي جلال جو نظارو، ساڙيندڙ باهہ وانگر ڏسڻ ۾ ٿي آيو.


هن کي اتي اوچتو خداوند جو وجود هڪڙي ٻوڙي جي وچ مان باهہ جي شعلي وانگر نظر آيو. هن نهاري ڏٺو تہ ٻوڙي ۾ باهہ پيئي ٻري، پر تڏهن بہ ٻوڙو سڙي رک نہ ٿو ٿئي.


صبح جو سوير تيار ٿي سينا جبل تي چڙهي اچج. اُتي جبل جي چوٽيءَ تي منهنجي اڳيان اچي حاضر ٿج.


انهن جي پڪار تي هيڪل جا بنياد لڏي ويا ۽ پوري هيڪل دونهين سان ڀرجي ويئي.


ڪاش! تون آسمان کي ڦاڙي هيٺ لهي اچين، تہ تو کي ڏسي جبل بہ خوف وچان ڪنبي وڃن.


جبلن ڏانهن نهاريم، ڇا ڏسان تہ اهي ڏڪن ٿا پيا. ٽڪرين ڏانهن نهاريم، ڇا ڏسان تہ اهي سڀ هيڏي هوڏي پيون لرزن.


هو بيهي ٿو تہ زمين ڪنبي ٿي وڃي، هو نهاري ٿو تہ قومون ڏڪي ٿيون وڃن. ۽ اهي قديمي جبل ۽ ٽڪريون جن تي هو گھمندو هو، سي سندس گھمڻ سان ڀورا ڀورا ٿي وينديون هيون.


تڏهن اوهان انهيءَ پوري ماٿريءَ منجھان لنگھي ٻاهر ڀڄي ويندا، جيڪا آضل ڳوٺ تائين وڃي نڪرندي. اوهين اتان ائين ڀڄي نڪرندا، جيئن يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي زماني ۾ اوهان جا ابا ڏاڏا زلزلي کان ڀڄي نڪتا هئا. تڏهن خداوند منهنجو خدا ايندو ۽ سندس سڀ پاڪ هستيون بہ ساڻس گڏ هونديون.


قوم قوم سان وڙهندي ۽ بادشاهت بادشاهت تي چڙهائي ڪندي. گھڻن ئي هنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا.


هن چيو تہ ”خداوند سينا جبل کان پنهنجي قوم سان اچي گڏيو، هائو، هو ادوم جي علائقي مان انهن تي سج جيان اڀريو، ۽ فاران جبل مان اچي اتي چمڪيو. ساڻس گڏ هزارين ملائڪ هئا، سندس ساڄي هٿ کان باهہ جي شعلي جيان وڄ ٿي نڪتي.


هن اوهان کي آسمان مان پنهنجو آواز ٻڌايو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي تربيت ڏئي. هن اوهان کي زمين تي وڏي باهہ ڏيکاري ۽ اوهان باهہ جي وچ مان سندس فرمان ٻڌو.


اهي ئي ڳالهيون خداوند انهيءَ جبل وٽ باهہ، ڪڪر ۽ انڌوڪار جي وچ مان اوهان جي سڄيءَ قوم کي وڏي آواز سان ٻڌايون. انهيءَ کان سواءِ هن ٻيو ڪي بہ ڪين چيو. اهي ئي ڳالهيون هن پٿر جي ٻن تختين تي لکي مون کي ڏنيون.“


خداوند اوهان سان انهيءَ جبل تي باهہ جي وچ مان روبرو ڳالهايو.


۽ اوهان تڪليفن سهڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. هي انهيءَ وقت ٿيندو جڏهن اسان جو خداوند عيسيٰ پنهنجي ملائڪن جي لشڪر سان گڏ ڀڙڪندڙ باهہ ۾ آسمان مان ظاهر ٿيندو


۽ انهن کي سزا ڏيندو جيڪي سندس بابت خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين ۽ نہ وري خدا کي ٿا ڄاڻين.


اوهان جي هلت چلت چڱي هئڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اوهين خدا جي حضور ۾ آيا آهيو. ائين نہ آهي جو اوهين زمين تي ڪنهن اهڙي جاءِ وٽ آيا آهيو جتي باهہ پئي ٻري ۽ ڪاراڻ، اونداهي ۽ طوفان آهي، جيئن سينا جبل وٽ بني اسرائيل وارن سان ٿيو.


انهيءَ هستيءَ جڏهن سينا جبل تان ڳالهايو هو تہ زمين لڏي ويئي هئي. پر هاڻي هن فرمايو آهي تہ ”هڪڙو دفعو وري بہ آءٌ نہ رڳو زمين کي، بلڪ آسمان کي بہ لوڏي ڇڏيندس.“


ياد رکو، خداوند جو ڏينهن چور وانگر اوچتو ايندو. انهيءَ ڏينهن جڏهن آسماني شيون سخت باهہ جي ڪري ڳري ناس ٿي وينديون، تڏهن آسمان وڏي ڪڙڪي سان ختم ٿي ويندا ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجھہ مٿس آهي سو سڀ سڙي ناس ٿي ويندو.


هيڪل خدا جي جلال ۽ سندس قدرت جي دونهين سان ڀرجي ويئي ۽ جيستائين انهن ستن ملائڪن جون ست آفتون پوريون نہ ٿيون، تيستائين ڪوبہ هيڪل ۾ گھڙي نہ سگھيو.


هن اوڙاهہ واري کڏ کولي تہ انهيءَ مان وڏي کُوري وانگر دونهون نڪرڻ لڳو. انهيءَ کڏ جي دونهين جي ڪري سج ۽ هوا ڪارا ٿي پيا.


اي خداوند! تون جيڪو سينا جبل تي لٿو هئين، تنهن جي آڏو پهاڙ بہ ڌڏڻ لڳا هئا، هائو، تو خداوند، بني اسرائيل جي خدا کان اهي ڏڪڻ لڳا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ