Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 19:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تون ماڻهن جي لاءِ جبل جي چوڌاري حد مقرر ڪري، انهن کي چئُہ تہ ’خبردار رهو، ڪوبہ ماڻهو انهيءَ حد کان لنگھي جبل تي نہ چڙهي، نڪي جبل جي ڪناري کي ڇهي. جيڪو بہ جبل کي ڇهندو، سو ضرور ماريو ويندو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ تون ماڻهن جي لاءِ چوڌاري حدون مقرر ڪري انهن کي چئُہ تہ خبردار رهو، ڪوبہ ماڻهو جبل تي نہ چڙهي، نڪي انهيءَ جي ڪناري کي ڇهي: جيڪو بہ جبل کي هٿ لائيندو، سو ضرور ماريو ويندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 19:12
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ فرعون موسيٰ کي چيو تہ ”مون وٽان نڪري وڃ. خبردار، متان وري مون کي پنهنجو منهن ڏيکارين، جنهن ڏينهن مون تنهنجو منهن ڏٺو، تنهن ڏينهن ماريو ويندين.“


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هيٺ لهي وڃي ماڻهن کي تاڪيد ڪر تہ مون کي ڏسڻ لاءِ حد نہ اورانگھين، نہ تہ انهن مان گھڻا مري ويندا.


تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ ”ماڻهو جبل تي چڙهي نہ ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ تو اسان کي حڪم ڏنو هو تہ ’جبل جي چوڌاري حد مقرر ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ کي پاڪ رکو.‘“


پوءِ تون اڪيلو ئي منهنجي ويجھو اچ، پر ٻيا ويجھو نہ اچن. تو سان گڏ قوم جو ڪوبہ ماڻهو مٿي چڙهي نہ اچي.“


خبردار، جنهن ملڪ ۾ اوهين وڃو ٿا تنهن جي رهاڪن سان ڪوبہ عهد نہ ڪجو، متان اهو اوهان لاءِ ڦندو بڻجي پوي.


تو سان گڏ ٻيو ڪوبہ مٿي نہ چڙهي. ڪوبہ ماڻهو سڄي جبل تي ڏسڻ ۾ نہ اچي، ايتري قدر جو انهيءَ جبل جي اڳيان رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا بہ نہ چرن.“


هن مون کي اوهان لاءِ هي حڪم فرمايو تہ ’اوهان کي پنهنجن عزيزن بني عيسوءَ جي سرحد وٽان لنگھڻو آهي، جيڪي ادوم جي علائقي ۾ رهن ٿا. اهي اوهان کان ڊڄندا، تنهنڪري اوهين تمام احتياط ڪجو.


سو اوهين خبردار رهجو ۽ پاڻ تي وڏي نظر رکجو. متان اهي ڳالهيون جيڪي اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏيو. متان اهي سڄيءَ عمر ۾ اوهان جي دل تان لهي وڃن، بلڪ اوهين اهي پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن کي بہ سيکاري ڇڏجو.


اوهان جي هلت چلت چڱي هئڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اوهين خدا جي حضور ۾ آيا آهيو. ائين نہ آهي جو اوهين زمين تي ڪنهن اهڙي جاءِ وٽ آيا آهيو جتي باهہ پئي ٻري ۽ ڪاراڻ، اونداهي ۽ طوفان آهي، جيئن سينا جبل وٽ بني اسرائيل وارن سان ٿيو.


اهو انهيءَ لاءِ تہ جنهن رستي تان اوهان کي هلڻو آهي تنهن جي اوهان کي خبر پوي، ڇاڪاڻ تہ اوهين اڳي ڪڏهن بہ هن رستي سان نہ لنگھيا آهيو. پر عهد واري صندوق جي ويجھو نہ وڃجو، اوهان جي ۽ انهيءَ جي وچ ۾ اٽڪل هڪ ڪلوميٽر جيتري وٿي هجڻ گھرجي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ