Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 18:9 - Muslim Sindhi Bible

9 يٿرو خداوند جي انهن ڀلاين جي ڪري ڏاڍو خوش ٿيو، جيڪي هن بني اسرائيل سان ڪيون ۽ کين مصرين جي هٿان ڇڏايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ جيڪي ڀلايون خداوند، اسرائيل سان ڪيون ۽ کين مصرين جي هٿان ڇڏايو، تن لاءِ يترو ڏاڍو خوش ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 18:9
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون اڳ ئي اوهان جا گناهہ ڌوئي ٻاڦ وانگر اُڏائي ڇڏيا آهن. سو هاڻي اوهين مون آڏو اچي توبهہ‌تائب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي آهيان جنهن اوهان کي بچايو آهي.


اي آسمانؤ! خوشيءَ منجھان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند هي سڀ ڪيو آهي. اي ڌرتيءَ جون اونهايون! اوهين نعرا هڻو. اي جبل پهاڙؤ! ۽ اي ٻيلي جا هر هڪ وڻ! اوهين خوشيءَ منجھان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل کي بچائي پنهنجي عظمت ظاهر ڪئي آهي.


آءٌ خداوند جي ابدي شفقت جو ذڪر ڪندس، آءٌ سندس انهن بي‌شمار نعمتن لاءِ سندس واکاڻ ڪندس، جيڪي هن اسان کي عطا ڪيون آهن، ۽ انهيءَ وڏي ڀلائيءَ لاءِ بہ، جيڪا هن پنهنجي رحمتن ۽ ابدي شفقتن موجب بني اسرائيل جي ماڻهن کي ڏيکاري آهي.


يروشلم سان خوشيون ملهايو، ۽ انهيءَ جي ڪري شادماني ڪريو. اي انهيءَ شهر سان محبت ڪرڻ وارؤ! اوهين جيڪي ڪڏهن هن لاءِ ماتم ڪندا هئا، سي هاڻي ساڻس گڏ خوشيون ملهايو.


هڪٻئي سان ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪريو ۽ هڪٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو.


خوشي ڪرڻ وارن سان گڏجي خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو.


جيڪڏهن هڪڙي عضوي کي تڪليف رسي ٿي تہ سڀني عضون کي انهيءَ سان گڏ تڪليف ٿي رسي ۽ جيڪڏهن هڪڙي عضوي جي خاص عزت ٿئي ٿي تہ انهيءَ سان گڏ سڀ خوشي ڪن ٿا.


هن قينين ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”جيئن تہ اوهان جا ابا ڏاڏا بني اسرائيل جي مصر مان نڪرڻ وقت ساڻن مهربانيءَ سان پيش آيا هئا، تنهنڪري اوهين هتان هليا وڃو ۽ عماليقين مان نڪري وڃو، تہ متان آءٌ اوهان کي بہ انهن سان گڏ تباهہ نہ ڪري ڇڏيان.“ تڏهن قيني قبيلي وارا عماليقين مان نڪري هليا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ