Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 18:23 - Muslim Sindhi Bible

23 جيڪڏهن تون اهڙيءَ طرح ڪم ڪندين جيئن خدا تو کي حڪم ڏئي ٿو، تہ پوءِ تون پوريءَ طرح پنهنجيون ذميواريون برداشت ڪري سگھندين ۽ هي سڀ ماڻهو بہ اطمينان سان پنهنجي پنهنجي گھر هليا ويندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 جڏهن تون ائين ڪندين، ۽ خدا بہ توکي اهو حڪم ڏيندو، تہ پوءِ تون پوريءَ طرح ڪم هلائي سگهندين، ۽ هي سڀ ماڻهو بہ سلامتيءَ سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي هليا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 18:23
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن خداوند ابراهيم سان ڳالهائي بس ڪئي، تڏهن اتان هليو ويو ۽ ابراهيم گھر موٽي آيو.


جڏهن راخل کي يوسف ڄائو تڏهن يعقوب پنهنجي سهري لابن کي چيو تہ ”هاڻ مون کي ڇڏيو تہ آءٌ پنهنجي گھر ۽ پنهنجي ملڪ ڏانهن وڃان.


پر انهن چيس تہ ”اوهان اسان سان گڏ نہ هلو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين ڀڄي نڪتاسين تہ هو اسان جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪندا، يا جيڪڏهن اسان مان اڌ جيترا کڻي مئا تہ بہ هو اسان جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪندا. پر اوهين اسان جهڙن ڏهن هزارن جي مٽ آهيو. تنهنڪري هاڻي بهتر ائين آهي تہ اوهين شهر ۾ ئي رهو ۽ اتان اسان ڏانهن مدد موڪلجو.“


تڏهن بادشاهہ سان گڏ سڀيئي ماڻهو اردن درياءُ ٽپي پار آيا. پوءِ بادشاهہ برزليءَ کي چمي ڏيئي کيس دعا ڪئي ۽ برزلي پنهنجي گھر ڏانهن موٽي هليو ويو.


پر ابي‌شي جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن اچي دائود جي مدد ڪئي ۽ انهيءَ راڪاس جهڙي طاقتور فلستيءَ کي شڪست ڏيئي قتل ڪري ڇڏيائين. تنهن کان پوءِ دائود جي ماڻهن کيس قسم ڏيئي چيو تہ ”اڳتي اوهين اسان سان جنگ تي نہ هلو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي ختم ٿيڻ سان متان بني اسرائيل جو ڏيئو اجھامي نہ وڃي.“


ياد رکو، تہ مون خداوند، اوهان کي سبت جو ڏينهن ڏنو آهي. تنهنڪري آءٌ ڇهين ڏينهن هميشہ اوهان کي ٻن ڏينهن جي ماني ڏيندس. اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي گھر ۾ رهي. ستين ڏينهن ڪوبہ ماڻهو پنهنجي گھر کان ٻاهر نہ نڪري.“


ائين تہ تون پاڻ ۽ هي ماڻهو، جيڪي تو سان آهن، سي سڀ ضرور ٿڪجي پوندا. هي ڪم تنهنجي لاءِ تمام ڳؤرو آهي، تون اڪيلي سر اهو ڪري ڪين سگھندين.


پوءِ اهي ڀلي هر وقت ماڻهن جا فيصلا ڪندا رهن. انهن کي گھرجي تہ منجھيل فيصلا هو تو وٽ آڻين ۽ سولا فيصلا پاڻ هلائين. ائين ڪرڻ سان تنهنجي لاءِ بہ وڌيڪ سولائي ٿيندي ۽ انهيءَ بار کڻڻ ۾ هو تو سان ڀائيوار بہ ٿيندا.


سو موسيٰ پنهنجي سهري جي ڳالهہ مڃي ۽ جيئن هن چيو هئس تيئن ئي ڪيائين.


پولس ۽ برنباس هنن سان سخت بحث ڪيو. سو اهو فيصلو ڪيو ويو تہ پولس، برنباس ۽ ڪي ٻيا ماڻهو هن معاملي بابت يروشلم ڏانهن وڃي رسولن ۽ ڪليسيا جي اڳواڻن کان پڇن.


آءٌ انهيءَ ڪري ويس جو مڪاشفي ۾ مون کي اوڏانهن وڃڻ جو حڪم ٿيو. اتي ڪليسيا جي معتبر سمجھيو ويندڙ ماڻهن جي اڳيان مون نويڪلائيءَ ۾ اها خوشخبري پيش ڪئي، جنهن جي تبليغ آءٌ غير قومن ۾ ڪندو آهيان. اهو مون انهيءَ ڪري ڪيو تہ جيئن سڀني جي اڳيان اهو ظاهر ٿئي تہ اسان رسولن جي خوشخبري هڪجهڙي آهي يا نہ. مون نہ ٿي چاهيو تہ منهنجي اڳوڻي يا هاڻوڪي ڊڪ ڊوڙ اجائي ٿئي.


تڏهن خداوند سموئيل کي فرمايو تہ ”تون هنن جو عرض قبول ڪر ۽ کين هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪري ڏي.“ پوءِ سموئيل بني اسرائيل جي ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين سڀيئي پنهنجي پنهنجي شهر ڏانهن موٽي وڃو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ