Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 18:22 - Muslim Sindhi Bible

22 پوءِ اهي ڀلي هر وقت ماڻهن جا فيصلا ڪندا رهن. انهن کي گھرجي تہ منجھيل فيصلا هو تو وٽ آڻين ۽ سولا فيصلا پاڻ هلائين. ائين ڪرڻ سان تنهنجي لاءِ بہ وڌيڪ سولائي ٿيندي ۽ انهيءَ بار کڻڻ ۾ هو تو سان ڀائيوار بہ ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 پوءِ اهي ڀلي هر وقت ماڻهن جي عدالت ڪندا رهن: ۽ هيئن ٿيڻ گهرجي تہ سڀ ڪو وڏو مقدمو هو تو وٽ آڻين، ۽ سڀ ڪو ننڍو مقدمو هو پاڻ هلائين: انهيءَ طرح تنهنجي لاءِ بہ وڌيڪ سولائي ٿيندي، ۽ انهيءَ بار کڻڻ ۾ هو تو سان ڀائيوار بہ ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 18:22
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي عزرا! پنهنجي خدا جي حڪمت موجب جيڪا تو کي مليل آهي، تون منتظمَ ۽ ججَ مقرر ڪر. اهي اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي جي انهن ماڻهن جو انصاف ڪن جيڪي تنهنجي خدا جي شريعت کي مڃين ٿا. پر جنهن کي شريعت جي ڄاڻ نہ هجي تنهن کي اوهين سيکاريو.


ائين تہ تون پاڻ ۽ هي ماڻهو، جيڪي تو سان آهن، سي سڀ ضرور ٿڪجي پوندا. هي ڪم تنهنجي لاءِ تمام ڳؤرو آهي، تون اڪيلي سر اهو ڪري ڪين سگھندين.


جيڪڏهن تون اهڙيءَ طرح ڪم ڪندين جيئن خدا تو کي حڪم ڏئي ٿو، تہ پوءِ تون پوريءَ طرح پنهنجيون ذميواريون برداشت ڪري سگھندين ۽ هي سڀ ماڻهو بہ اطمينان سان پنهنجي پنهنجي گھر هليا ويندا.“


اهي ماڻهن جا فيصلا ڪندا رهندا هئا. منجھيل فيصلو موسيٰ وٽ آڻيندا هئا ۽ سولو فيصلو هو پاڻ ڪندا هئا.


آءٌ لهي اتي تو سان ڳالهائيندس ۽ تو ۾ جيڪو روح آهي، تنهن مان ڪجھہ کڻي انهن ۾ وجھندس. پوءِ امت جو بار کڻڻ ۾ اهي تنهنجي مدد ڪندا، انهيءَ لاءِ تہ تو اڪيلي کي اهو نہ کڻڻو پوي.


جن هن کي ڪاٺيون ميڙيندي ڏٺو سي کيس موسيٰ، هارون ۽ سڄيءَ قوم وٽ وٺي آيا.


هو خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو موسيٰ، اليعزر ڪاهن، اڳواڻن بلڪ سڄيءَ قوم جي اڳيان اچي بيٺيون ۽ چوڻ لڳيون تہ


بني يوسف جي نسل جي قبيلن مان بني جِلعاد، جيڪي منسيءَ جي پٽ مڪير جو اولاد آهن، تن جي ڪٽنبن جا وڏا موسيٰ ۽ بني اسرائيل جي ٻين قبيلن جي سردارن وٽ آيا.


اهو ئي سبب آهي جو اوهين ٽيڪس بہ ڏيندا آهيو، ڇاڪاڻ تہ حڪومتون جڏهن پنهنجا فرض پورا ٿيون ڪن تہ حقيقت ۾ اهي خدا جي لاءِ ڪم ڪن ٿيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ