Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 18:19 - Muslim Sindhi Bible

19 هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌ، آءٌ تو کي سٺي صلاح ٿو ڏيان، تہ جيئن خدا تو ساڻ هجي. تنهنجي لاءِ چڱو آهي تہ تون ماڻهن جي پاران خدا ڏانهن عيوضي ٿي ويندو ڪر ۽ انهن جا سڀ معاملا خدا جي آڏو پيش ڪندو ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌ، آءٌ توکي صلاح ٿو ڏيان ۽ شل خدا تو ساڻ هجي: تون ماڻهن جي پاران خدا ڏانهن مهڙ ڪر، ۽ سڀ عرض احوال خدا جي اڳيان پيش ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 18:19
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هو پنهنجي مصري مالڪ جي گھر ۾ رهڻ لڳو. جيئن تہ خداوند يوسف سان هو تنهنڪري هو خوشحال ٿيندو ويو.


سو اوهان جي ٻانهي سمجھي ٿي تہ پنهنجي آقا بادشاهہ جي ڳالهہ تسليءَ جهڙي هوندي، ڇاڪاڻ تہ منهنجو آقا بادشاهہ چڱي ۽ بڇڙي جي پرکڻ ۾ خدا جي ملائڪ جهڙو آهي. شل خداوند اوهان جو خدا اوهان ساڻ هجي.“


موسيٰ پنهنجي سهري کي وراڻيو تہ ”انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ماڻهو خدا جي مرضيءَ بابت پڇا‌ڳاڇا ڪرڻ لاءِ مون وٽ ٿا اچن.


انهيءَ سان گڏ تون ڀلي هنن کي خدا جي حڪمن ۽ فيصلن جي باري ۾ سيکار. جنهن رستي تي کين هلڻ گھرجي ۽ جيڪو ڪم کين ڪرڻ گھرجي، سو سيکارين.


سو موسيٰ پنهنجي سهري جي ڳالهہ مڃي ۽ جيئن هن چيو هئس تيئن ئي ڪيائين.


هنن موسيٰ کي چيو تہ ”توهين اسان سان ڳالهايو تہ اسين ٻڌون، پر خدا اسان سان نہ ڳالهائي، متان اسين مري وڃون.“


خدا وراڻيس تہ ”تون يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ هوندس. ان جي نشاني تہ مون ئي تو کي موڪليو آهي اها هوندي، تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن تون هن جبل تي مون خدا جي عبادت ڪندين.“


تنهنڪري هاڻي تون وڃ، آءٌ ڳالهائڻ ۾ تنهنجي مدد ڪندس. جيڪو ڪجھہ تو کي چوڻو هوندو سو آءٌ تو کي سيکاريندس.“


تنهنجي بدران هو ماڻهن سان ڳالهائيندو. هو ڄڻ تہ تنهنجي زبان هوندو ۽ تون هن جي لاءِ ڄڻ تہ خدا هوندين.


اوهين ڏاهي ماڻهوءَ کي نصيحت ڪندا تہ هو اڃا بہ وڌيڪ ڏاهو ٿيندو. سچي ماڻهوءَ کي سيکاريندا تہ سندس ڄاڻ اڃا وڌيڪ ٿيندي.


موسيٰ انهن جو معاملو خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيو.


۽ کين تعليم ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن اوهين پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ نڪرو، تڏهن پاڻ کان وڌيڪ لشڪر، گھوڙا ۽ جنگي گاڏيون ڏسي ڊڄي نہ وڃجو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان ساڻ آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو.


انهيءَ وقت آءٌ خداوند ۽ اوهان جي وچ ۾ بيٺو هئس، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو فرمان اوهان کي ٻڌايان، ڇو تہ اوهين باهہ جي ڪري ڊڄي ويا ۽ جبل تي نہ چڙهيا. تڏهن خداوند فرمايو تہ


ڏس، مون تو کي حڪم ڪيو آهي تہ مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ. نڪي ڊڄ نڪي بي‌همت ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ جيڏانهن بہ تون ويندين تيڏانهن آءٌ خداوند تنهنجو خدا تو سان گڏ هوندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ