Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 17:15 - Muslim Sindhi Bible

15 اتي موسيٰ هڪڙي قربان‌گاهہ بڻائي، جنهن جو نالو ”خداوند منهنجو جھنڊو“ رکيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 اتي موسيٰ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ انهيءَ جو نالو يهوواہ نسي (يعني خداوند منهنجو جهنڊو آهي) رکيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 17:15
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”هي آهي اهو ملڪ جيڪو آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.“ پوءِ ابرام خداوند جي لاءِ، جنهن کيس ڏيکاري ڏني هئي، اتي هڪ قربان‌گاهہ ٺاهي.


تنهن کان پوءِ اتان نڪري بيت‌ايل شهر جي اوڀر طرف هڪ جابلو علائقي ۾ اچي پنهنجو تنبو کوڙيائين. بيت‌ايل سندس اولهہ طرف هو ۽ عئي شهر سندس اوڀر طرف. اتي هن هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي خداوند جي عبادت ڪئي.


ابراهيم انهيءَ جاءِ جو نالو رکيو، ”خداوند موجود ڪري ڏئي ٿو.“ سو اڄ ڏينهن تائين اهو چوڻ ۾ اچي ٿو تہ ”خداوند پنهنجي جبل تي موجود ڪري ڏئي ٿو.“


هن اتي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي، جنهن جو نالو ايل ايلاسرائيل رکيائين.


جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن تن کي تو هڪڙو جھنڊو ڏنو آهي، تان‌تہ انهيءَ کي دشمنن جي تيرڪمانن آڏو کڙو ڪري ان هيٺان هو پناهہ وٺن.


پوءِ موسيٰ خداوند جون سڀيئي ڳالهيون لکيون ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اُٿي جبل جي تري وٽ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي واسطي يادگار طور ٿنڀي جيان ٻارهن پٿر کوڙيائين.


تون ٻٻر جي ڪاٺ جي قربان‌گاهہ ٺهرائج. اها قربان‌گاهہ چورس هجي. انهيءَ جي ڊيگھہ سوا ٻہ ميٽر ۽ ويڪر بہ سوا ٻہ ميٽر هجي، انهيءَ جي اوچائي سوا ميٽر هجي.


هارون جڏهن اهو حال ڏٺو تڏهن انهيءَ جي اڳيان هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهيائين. پوءِ هارون پڙهو گھمرايو تہ ”سڀاڻي خداوند جي لاءِ عيد ٿيندي.“


تڏهن جِدعون اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ انهيءَ جو نالو يهوواہ‌سلوم رکيائين. اها اڄ ڏينهن تائين ابيعزر واري گھراڻي جي ڳوٺ عفرہ ۾ موجود آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ