Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 17:14 - Muslim Sindhi Bible

14 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”انهيءَ فتح جو احوال لکي ڇڏ ۽ يشوع کي ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ عماليقين جو نالو نشان هن دنيا مان مِٽائي ڇڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ اها ڳالهہ يادگيري جي لاءِ هڪڙي ڪتاب ۾ لکي ڇڏ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 17:14
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سائول جي مرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو دائود جڏهن عماليقين کي شڪست ڏيئي موٽي اچي صِقلاج شهر ۾ رهيل هو تہ اڃا ٻہ ڏينهن مس گذريا تہ


يعني ادومين، موآبين، بني عمون، فلستين، عماليقين ۽ ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر ولد رحوب جي لٽ جي مال مان پڻ.


شمعون قبيلي جا ٻيا پنج سو ماڻهو سعير جبلن ڏانهن هليا ويا، جن جي اڳواڻي يسيءَ جي هنن پٽن ڪئي: فلطياہ، نعرياہ، رفاياہ ۽ عزي‌ايل.


تڏهن جيڪي عماليقي باقي بچيا هئا ۽ ڀڄي نڪتا هئا، تن کي ماري هو پاڻ اتي رهڻ لڳا ۽ اهي اڄ ڏينهن تائين اتي رهندا پيا اچن.


تڏهن ڇا اسين وري تنهنجا حڪم نہ مڃينداسين؟ جيڪي قومون اهڙا ڪراهت جهڙا ڪم ڪن ٿيون، تن سان مٽي مائٽي ڪنداسين ڇا؟ تڏهن ڇا تون اسان تي ايترو نہ ڪاوڙبين جو اسان کي اهڙو ناس ڪري ڇڏين جو اسان مان ڪوبہ نہ ڇڏائجي سگھي ۽ نہ وري ڪو باقي بچي سگھي؟


دنيا مان هنن جي يادگيري مِٽائي ويندي، سندن ڪو نالو نشان بہ نہ رهندو.


ڪاش! منهنجيون هي ڳالهيون لکيون وڃن ها. ڪاش! اهي ڪنهن ڪتاب ۾ درج ڪيون وڃن ها.


اسان جا سمورا دشمن ختم ٿي ويا آهن، تو کين هميشہ لاءِ فنا ڪري ڇڏيو آهي. سندن جن شهرن کي تو برباد ڪيو آهي، تن جو ذڪر بہ مٽجي ويو آهي.


اهو ڏينهن بني اسرائيل کي هميشہ ياد رهي، بلڪ هو ان کي مون خداوند جي عيد جو ڏينهن سمجھي ملهائين ۽ هر سال پيڙهي بہ پيڙهي انهيءَ ڏينهن تي عيد ڪندا رهن.“


اها رسم توهان وٽ ڄڻ تہ توهان جي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي ۽ توهان جي اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي شريعت توهان جي زبان تي هجي. جيئن تہ خداوند پنهنجي طاقتور هٿ سان توهان کي مصر مان ڪڍي آندو آهي،


تنهنڪري عماليقين کي يشوع تلوار جي ڌار سان شڪست ڏني.


پوءِ موسيٰ خداوند جون سڀيئي ڳالهيون لکيون ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اُٿي جبل جي تري وٽ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي واسطي يادگار طور ٿنڀي جيان ٻارهن پٿر کوڙيائين.


پر خداوند موسيٰ کي وراڻيو تہ ”جنهن منهنجو گناهہ ڪيو آهي، تنهن جو ئي نالو آءٌ پنهنجي ڪتاب مان مِٽائي ڇڏيندس.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”اهي ڳالهيون تون پاڻ لکي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ انهن ئي ڳالهين موجب مون تو سان ۽ بني اسرائيل سان عهد ٻڌو آهي.“


نيڪ ماڻهوءَ جي نالي جو اثر مرڻ کان پوءِ بہ قائم ٿو رهي، مگر بدڪارن جو نالو جلد ميسارجي ٿو وڃي.


”آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي سڀ هڪڙي ڪتاب ۾ لک.


”تون چمڙي جو هڪڙو ويڙهوٽو کڻ ۽ ان تي اهي سڀ ڳالهيون لک، جيڪي مون تو سان يوسياہ جي بادشاهيءَ کان وٺي اڄ تائين اسرائيل ۽ يهوداہ وارن ۽ ٻين سڀني قومن متعلق ڪيون آهن.


بلعام پنهنجو الهامي گفتو جاري رکندي چوڻ لڳو تہ ”هاڻي آءٌ رويا ۾ عماليقي قوم ڏسان ٿو، جيڪا سڀ کان طاقتور آهي، پر انهيءَ جو انجام بربادي ٿيندو.“


موسيٰ خداوند جي حڪم موجب انهن جي مسافريءَ جي منزلن جون هي جايون لکي ڇڏيون.


موسيٰ هيءَ شريعت لکي، بني لاوي ڪاهنن کي جيڪي خداوند جي عهد واري صندوق کڻندا هئا ۽ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن کي ڏني.


تڏهن اوهين انهن کي اهو جواب ڏجو تہ ’جڏهن خداوند جي عهد واري صندوق اردن درياءَ منجھان گذري تہ درياءَ جو وهڪرو بند ٿي ويو هو.‘ سو اهي پٿر بني اسرائيل جي لاءِ هميشہ جي واسطي انهيءَ ڳالهہ جي يادگيريءَ جي نشاني ٿي رهندا.“


خداوند تو کي اهو حڪم ڏيئي هن مقصد لاءِ موڪليو تہ وڃي گنهگار عماليقين کي چٽ ڪرين ۽ جيستائين اهي سڀ مري کپي نہ وڃن تيستائين ساڻن وڙهندو رهين.


ٽئين ڏينهن تي جڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو پنهنجي شهر صِقلاج ۾ پهتا، تڏهن ڏٺائون تہ عماليقين ڏاکڻي علائقي ۽ صِقلاج شهر تي حملو ڪري شهر کي ڦري لٽي باهہ ڏيئي ڇڏي هئي.


پوءِ دائود رات جي پهرئين پهر کان وٺي ٻئي ڏينهن جي شام تائين انهن کي پئي ماريو. ايتري قدر جو انهن مان هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو، سواءِ انهن چئن سؤن ماڻهن جي جيڪي اٺن تي چڙهي ڀڄي نڪتا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ