Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 17:13 - Muslim Sindhi Bible

13 تنهنڪري عماليقين کي يشوع تلوار جي ڌار سان شڪست ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ يشوع عماليق ۽ سندس ماڻهن کي ترار جي ڌار سان شڪست ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 17:13
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو جڏهن موسيٰ جا هٿ ٿڪجڻ لڳا، تڏهن هارون ۽ حور هڪڙو پٿر کڻي آيا ۽ موسيٰ انهيءَ تي ويهي رهيو. پوءِ هو ٻئي سندس هٿ جھلي بيٺا، هڪڙو هڪڙي پاسي کان ۽ ٻيو ٻئي پاسي کان. اهڙيءَ طرح سج لٿي تائين هن جا هٿ مٿي ئي رهيا.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”انهيءَ فتح جو احوال لکي ڇڏ ۽ يشوع کي ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ عماليقين جو نالو نشان هن دنيا مان مِٽائي ڇڏيندس.“


انهن مان ڪن کي تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ ڪن کي قيد ڪري ٻين قومن ۾ وٺي ويندا. جيستائين غير قومن جو مدو پورو نہ ٿيندو، تيستائين اهي يروشلم کي لتاڙينديون رهنديون.“


انهيءَ ڏينهن يشوع مقيدہ شهر تي قبضو ڪري ورتو. هن اتي جي بادشاهہ کي ۽ جيڪي بہ ماڻهو منجھس رهندا هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائين. هن مقيدہ جي بادشاهہ سان ائين ئي ڪيو جيئن يريحو جي بادشاهہ سان ڪيو هئائين.


جنگ جي ٻئي ڏينهن تي خداوند انهيءَ شهر کي سندن هٿن ۾ ڏنو ۽ هو مٿس قبضو ڪري ويا. جيڪي بہ ماڻهو انهيءَ منجھہ هئا تن سڀني کي يشوع تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، جيئن هن لبناہ ۾ ڪيو هو.


هنن انهيءَ تي بہ قبضو ڪيو ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سميت جيڪي بہ ماڻهو انهيءَ ۾ يا انهيءَ جي آس‌پاس وارن ڳوٺن ۾ رهندا هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون. ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائون. جيئن عجلون ۾ ڪيو هئائون، تيئن هن شهر سان بہ ڪيائون ۽ جيڪي ماڻهو منجھس هئا، تن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائون.


اهي سڀ بادشاهہ ۽ انهن جا علائقا، يشوع هڪڙي ئي ڦيري ۾ قبضي ڪيا، ڇاڪاڻ تہ خداوند، بني اسرائيل جو خدا انهن پاران وڙهيو پئي.


اهڙيءَ طرح يشوع انهن سڀني شهرن تي قبضو ڪيو ۽ اتان جي بادشاهن ۽ رهاڪن کي تلوار جي ڌار سان مارائي ڇڏيائين، جيئن خداوند جي ٻانهي موسيٰ حڪم ڏنو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ