Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 16:35 - Muslim Sindhi Bible

35 بني اسرائيل چاليهن سالن تائين مَنَ کائيندا رهيا، جيستائين هو آباد ملڪ ۾ آيا، يعني جيستائين هو ڪنعان ملڪ جي حد تائين نہ آيا تيستائين مَنَ پئي کاڌائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 ۽ بني اسرائيل چاليهن ورهين تائين برابر من پئي کاڌي، جيسين ڪ هو ڪنهن آباد ملڪ ۾ آيا؛ يعني جيسين هو ڪنعان ملڪ جي حد ۾ آيا، تيسين من پئي کاڌائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 16:35
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن جي بک لاهڻ لاءِ تو کين آسمان مان ماني ڏني. هنن جي اُڃ لاهڻ لاءِ تو هنن واسطي ٽڪر مان پاڻي ڪڍيو. تو ئي کين انهيءَ ملڪ تي وڃي قبضو ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن جي ڏيڻ جو تو ساڻن واعدو ڪيو هو.


سو خداوند کي بني اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن کين چاليهہ سال بيابان ۾ هيڏانهن هوڏانهن رلايو جيستائين انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ ماڻهو جن خداوند جي نظر ۾ برائي ڪئي هئي، سي مري کپي نہ ويا.


اتي هارون ڪاهن خداوند جي حڪم موجب هور جبل تي چڙهي ويو ۽ بني اسرائيل جي مصر جي ملڪ مان نڪرڻ کان پوءِ چاليهين سال جي پنجين مهيني جي پهرين تاريخ تي هن اتي وفات ڪئي.


هي اهو ئي شخص آهي جنهن کين اتان ڪڍيو ۽ مصر ۾، ڳاڙهي سمنڊ وٽ ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ عجب جهڙا ڪم ۽ معجزا ڏيکاريندو رهيو.


سڀني اها ساڳي خوراڪ کاڌي ۽ اهو ساڳيو پاڻي پيتو، جيڪو کين معجزي طور پئي مليو. مطلب تہ هو سڀيئي انهيءَ روحاني ٽڪر مان پيئندا هئا، جيڪو ساڻن گڏوگڏ هلندو پئي هليو ۽ اهو ٽڪر مسيح هو.


ياد رکو، مون اهو ملڪ اوهان جي اڳيان رکيو آهي. انهيءَ بابت مون خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو تہ اهو ملڪ انهن کي ۽ انهن کان پوءِ سندن اولاد کي ڏيندس. سو اوهين وڃي انهيءَ ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيو.‘“


مون خداوند اوهان جي خدا، اوهان جي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي. هن وڏي بيابان ۾ اوهان جي گھمڻ ڦرڻ جي بہ مون کي خبر آهي. هنن چاليهن سالن ۾ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، اوهان سان گڏ هئس ۽ اوهان کي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.‘


پر خداوند اوهان کي اڄوڪي ڏينهن تائين نہ اهڙي دل ڏني آهي جا سمجھي، نہ اهڙيون اکيون ڏنيون آهن جي ڏسن ۽ نہ اهڙا ڪن ڏنا آهن جي ٻڌن.


انهن چاليهن سالن ۾ نہ اوهان جا ڪپڙا اوهان جي بدن تي پراڻا ٿيا، نڪي اوهان جا پير سڄيا.


انهيءَ ملڪ جي پيداوار کائڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي مَنَ ڪرڻ بند ٿي ويئي ۽ بني اسرائيل کي اڳتي مَنَ ڪانہ ملي. انهيءَ سال کان وٺي هنن ڪنعان جي پيداوار مان کاڌو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ