Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 16:34 - Muslim Sindhi Bible

34 سو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن هارون اهو عهد واري صندوق جي اڳيان آڻي رکيو، تہ جيئن اهو حفاظت سان رکيو هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 سو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو، تيئن هارون اهو شاهديءَ جي صندوق جي اڳيان آڻي حاضر ڪيو، تہ اهو حفاظت سان رکيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 16:34
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ صندوق ۾ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونہ هو، سواءِ پٿر جي انهن ٻن تختين جي جيڪي موسيٰ سينا جبل وٽ منجھس رکيون هيون، جڏهن خداوند بني اسرائيل سان، سندن مصر جي ملڪ مان نڪري اچڻ کان پوءِ عهد ٻڌو هو.


عهد واريون ٻئي تختيون جيڪي آءٌ تو کي ڏيندس سي تون انهيءَ صندوق ۾ رکج.


تون عهد واريون ٻئي تختيون، جيڪي آءٌ تو کي ڏيندس سي انهيءَ صندوق ۾ رکج ۽ رحمت جو اهو پوش صندوق جي مٿان رکج.


مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ انهيءَ پردي جي ٻاهران جيڪو عهد واري صندوق اڳيان هوندو، هارون ۽ سندس پٽَ سانجھيءَ کان صبح تائين شمعدان کي منهنجي حضور ۾ ٻريل رکن. اهو قاعدو بني اسرائيل جي لاءِ پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ تائين جاري رهندو.“


تون انهيءَ مان ڪجھہ ڪُٽي تمام سنهو ڪج ۽ انهيءَ کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ عهد واري صندوق جي سامهون رکج، جتي آءٌ تو سان ملندو رهندس. اهو مون خدا لاءِ ئي مخصوص ٿيندو.


تون اها قربان‌گاهہ ان پردي جي اڳيان رکائج، جيڪو عهد واري صندوق وٽ آهي، جيئن اها رحمت جي پوش جي سامهون رهي، جيڪو عهد واري صندوق جي مٿان آهي. اُتي آءٌ تو سان ملندو رهندس.


پوءِ جڏهن خداوند سينا جبل تي موسيٰ سان ڳالهائي بس ڪئي، تڏهن کيس عهد واريون ٻہ تختيون ڏنائين. پٿر جي انهن تختين تي خدا پنهنجي آڱر سان پنهنجا حڪم لکيا هئا.


مقدس خيمي، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، تنهن ۾ استعمال ٿيل ڌاتوءَ جو تفصيل ٺاهڻ لاءِ موسيٰ لاوين کي حڪم ڏنو ۽ اهو ڪم هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هدايتن هيٺ ڪيو ويو.


پوءِ موسيٰ خداوند جي حڪم مطابق عهد واريون تختيون کڻي صندوق ۾ وڌيون. هن ٻانهيون صندوق جي ڪڙن ۾ وڌيون ۽ صندوق جي مٿان رحمت جو پوش رکيائين.


بلڪ تون لاوين کي مقرر ڪري ڇڏ تہ جيئن اهي ئي اهو مقدس خيمو جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، ۽ انهيءَ جو سمورو سامان کڻن، انهيءَ جي خدمت ڪن ۽ اهي ئي خيمي جي ٻاهران چوڌاري منزل ڪري رهن.


پر لاوي پنهنجا تنبو مقدس خيمي جي چوڌاري هڻن. اهو انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو انهيءَ جي ويجھو اچي ۽ آءٌ بني اسرائيل قوم تي پنهنجو غضب نازل ڪريان. لاوي ئي مقدس خيمي جي سنڀال جا ذميوار آهن.“


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هارون جي لٺ عهد واري صندوق جي سامهون موٽائي رک. اها باغين لاءِ هڪ نشانيءَ طور رکي هجي. اهڙيءَ طرح هو منهنجيون شڪايتون ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندا ۽ مرڻ کان بچي ويندا.“


تڏهن آءٌ ڦري جبل تان هيٺ لٿس. پوءِ جيئن خداوند مون کي فرمايو هو تيئن اهي تختيون انهيءَ صندوق ۾ رکيم جيڪا مون ٺاهي هئي. سو اهي اڃا تائين اتي ئي رکيل آهن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ