خروج 16:28 - Muslim Sindhi Bible28 تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”ڪيستائين اوهين منهنجي حڪمن ۽ منهنجي فيصلن تي عمل ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪندا؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible28 تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڪيستائين اوهين منهنجن حڪمن ۽ منهنجي شريعت کي مڃڻ کان انڪار ڪندا؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هنن سندس حڪمَ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو عهد برقرار نہ رکيائون جيڪو خداوند سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌو هو. هنن سندس تنبيهن تي بہ ڪو ڌيان نہ ڏنو، بلڪ ڪين جهڙن بتن جي پٺيان لڳي پاڻ بہ ڪين جهڙا ٿي پيا. سندن آسپاس جيڪي قومون هيون تن جي پيروي ڪيائون، حالانڪ خداوند کين تنبيهہ ڪندو رهيو تہ انهن جهڙا ڪم نہ ڪن.
پر بني اسرائيل قوم بيابان ۾ ئي منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي حڪمن کي ڇڏي ڏنائون، جن تي عمل ڪرڻ سان انسان جيئرو رهي ٿي سگھيو. هنن منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بہ تمام گھڻي بيحرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ آءٌ بيابان ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان، تانتہ اهي چٽ ٿي وڃن.