Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 16:23 - Muslim Sindhi Bible

23 تڏهن موسيٰ کين چيو تہ ”خداوند جو حڪم اهو ئي آهي تہ سڀاڻي خاص آرام جو ڏينهن يعني خداوند جو پاڪ سبت آهي. اوهان کي اڄ جيڪي پچائڻو آهي سو پچايو ۽ جيڪي رڌڻو آهي سو رڌيو. جيڪي بہ باقي بچي پوي سو سڀاڻي لاءِ رکي ڇڏيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ هن کين چيو تہ هيءَ اها ئي ڳالهہ آهي، جا خداوند فرمائي هئي تہ سڀاڻي خاص آرام جو ڏينهن آهي، ۽ خداوند جو پاڪ سبت آهي؛ جيڪي پچائي سگهو سو پچايو، ۽ جيڪي رڌي سگهو سو رڌيو، ۽ جيڪي باقي بچي سو پنهنجي واسطي صبح تائين رکي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 16:23
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون عرش عظيم کان سينا جبل تي لهي آئين، ۽ انهن سان اچي ڳالهيون ڪيون. تو انهن کي قاعدا قانون ڏنا، جيڪي سچا ۽ صحيح آهن. تو هنن کي پنهنجا حڪم ڏنا جيڪي چڱا آهن.


تو انهن کي پنهنجي پاڪ سبت جي ڄاڻ ڏني، ۽ کين پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي معرفت حڪم ۽ شرعي قاعدا قانون ڏنا.


موسيٰ انهن کي چيو تہ ”ڪوبہ ڄڻو انهيءَ مان صبح تائين ڪجھہ بہ بچائي نہ رکي.“


ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪريو، پر ستين ڏينهن آرام ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي ڏاندن ۽ گڏهن کي بہ آرام ملي. ساڳئي نموني اوهان جا غلام ۽ ڌاريا بہ آرام وٺي تازا توانا ٿين.


ڇهہ ڏينهن ڀلي اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪريو، پر ستون ڏينهن سبت آهي تنهن تي اوهين آرام ڪريو. اهو مون خداوند جي لاءِ مخصوص آهي. جيڪو سبت جي ڏينهن ڪو ڪم ڪندو، سو ضرور ماريو ويندو.‘


سبت جي ڏينهن ڪنهن بہ قسم جو بار پنهنجي گھر کان ٻاهر نہ کڻي وڃو ۽ نہ وري ان ڏينهن تي ڪو ڪم ڪار ڪريو، بلڪ سبت جي ڏينهن کي اوهين مون خداوند لاءِ وقف ڪريو، جيئن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي حڪم ڪيو هو.


”ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪريو، پر ستون ڏينهن سبت آهي، تنهن تي اوهين آرام ڪريو. انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو، بلڪ عبادت لاءِ گڏ ٿجو. سبت جو ڏينهن مون خداوند لاءِ مخصوص آهي، پوءِ اوهين کڻي ڪٿي بہ رهندا هجو.“


اها مَنَ ڌاڻن جي ٻج جهڙي هئي ۽ موتين وانگر ڏسڻ ۾ ٿي آئي.


رات جو جڏهن خيمي‌گاهہ تي ماڪ پوندي هئي، تڏهن انهيءَ سان گڏ مَنَ بہ ڪرندي هئي. صبح جو ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن وڃي اها ميڙي گڏ ڪندا هئا، پوءِ انهيءَ کي جنڊ ۾ پيهندا هئا يا اُکرين ۾ ڪُٽيندا هئا. هو انهيءَ کي ديڳڙين ۾ اوٻاري انهيءَ مان مانيون پچائيندا هئا. انهيءَ جو سواد زيتون جي تيل ۾ پچايل مانيءَ جهڙو هو.


پوءِ هو گھر واپس ويون ۽ لاش لاءِ سرهاڻيون ۽ عطر تيار ڪيائون. تڏهن هنن شريعت جي حڪم موجب سبت جي ڏينهن آرام ڪيو.


اوهين سبت ملهايو ۽ ان کي رڳو مون لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، جيئن مون خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي.


خداوند واري ڏينهن، يعني آچر جي ڏينهن آءٌ پاڪ روح جي ضابطي ۾ اچي ويس ۽ پنهنجي پٺيان توتاري جي آواز جهڙو هڪڙو وڏو آواز ٻڌم،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ