19 موسيٰ انهن کي چيو تہ ”ڪوبہ ڄڻو انهيءَ مان صبح تائين ڪجھہ بہ بچائي نہ رکي.“
19 ۽ موسيٰ انهن کي چيو تہ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ مان صبح تائين ڪي بہ بچائي نہ رکي.
انهيءَ مان صبح تائين ڪجھہ بہ نہ بچايو وڃي. پر جيڪڏهن ڪجھہ بچي پوي تہ اهو ساڙي ڇڏجي.
پر انهن مان ڪن موسيٰ جي ڳالهہ نہ مڃي ۽ صبح تائين انهيءَ مان ڪجھہ بچائي رکيائون. صبح جو انهيءَ ۾ ڪينئان پئجي ويا ۽ اها ڪني ٿي ويئي. تڏهن موسيٰ انهن تي ڏاڍو ناراض ٿيو.
تڏهن موسيٰ کين چيو تہ ”خداوند جو حڪم اهو ئي آهي تہ سڀاڻي خاص آرام جو ڏينهن يعني خداوند جو پاڪ سبت آهي. اوهان کي اڄ جيڪي پچائڻو آهي سو پچايو ۽ جيڪي رڌڻو آهي سو رڌيو. جيڪي بہ باقي بچي پوي سو سڀاڻي لاءِ رکي ڇڏيو.“
اوهين منهنجي لاءِ جيڪا جانورن جي قرباني ڪريو، تنهن جو رت، خميري مانيءَ سان گڏ نذر نہ ڪريو، نڪي منهنجي عيد جي چرٻي صبح تائين باقي رهڻ ڏيو.
سو اوهين سڀاڻي جي ڳڻتي نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي جو ڏينهن پنهنجي لاءِ پاڻ ئي ڳڻتي ڪندو. اڄ جي لاءِ اڄ جو ڏک ئي ڪافي آهي.“