Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 16:14 - Muslim Sindhi Bible

14 جڏهن ماڪ گم ٿي ويئي، تڏهن ڇا ڏسن تہ بيابان ۾ هڪڙي سنهي گول گول شيءِ، پاري جي داڻن جهڙي زمين تي پيئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ جڏهن ماڪ گم ٿي ويئي، تڏهن ڇا ڏسن تہ بيابان ۾ هڪڙي گول شيءِ، برف جي ٽڪر جهڙي اڇي، زمين تي پيئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 16:14
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن جي بک لاهڻ لاءِ تو کين آسمان مان ماني ڏني. هنن جي اُڃ لاهڻ لاءِ تو هنن واسطي ٽڪر مان پاڻي ڪڍيو. تو ئي کين انهيءَ ملڪ تي وڃي قبضو ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن جي ڏيڻ جو تو ساڻن واعدو ڪيو هو.


جڏهن هنن کاڌو گھريو تہ هنن ڏانهن ٻٽيرا موڪليائين، ۽ کين آسمان جي مانيءَ سان ڍءُ ڪرايائين.


هو برف کي ڪپهہ جيان ڌرتيءَ تي ڪيرائي ٿو، ۽ پاري کي خاڪ جيان پکيڙي ڇڏي ٿو.


هنن جي کائڻ لاءِ سندن مٿان مَنَ وسايائين. اهڙيءَ طرح کين آسمان جي خوراڪ عطا ڪيائين،


بني اسرائيل انهيءَ مانيءَ جو نالو ”مَنَ“ رکيو. اها ڌاڻن جي ٻج جهڙي ۽ اڇي هئي ۽ انهيءَ جو سواد ماکيءَ سان ٺاهيل بسڪوٽن جهڙو هو.


تنهنڪري هن اوهان کي عاجز ڪيو ۽ بکيو رکيو. پوءِ اوهان کي اها مَنَ کارايائين جنهن جي نہ اوهان کي خبر هئي نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي. هن ڪري جو هو اوهان کي اهو سيکاري تہ انسان رڳو مانيءَ سان ئي جيئرو نہ ٿو رهي، بلڪ خداوند جي چيل هر هڪ ڳالهہ سان جيئرو رهي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ