بني اسرائيل جي عملدارن کين چيو تہ ”شل خداوند اوهان کي ڏسي ۽ اوهان کي سزا ڏئي، جو اوهان اسان کي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي نظر ۾ نفرتي ڪري ڇڏيو آهي. ڄڻ تہ هنن جي هٿن ۾ تلوار ڏني اٿوَ تہ اسان کي قتل ڪري ڇڏين.“
هو خدا ۽ موسيٰ جي خلاف ڳالهائڻ لڳا. هو چوڻ لڳا تہ ”ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن بيابان ۾ مرڻ جي لاءِ آندو آهي، جتي نہ ماني آهي، نہ پاڻي؟ اسان جي دل کي هن ڪني کاڌي کان ڪراهت ٿي اچي.“
تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’اسين ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين؟‘ ۽ نہ پنهنجي جسم لاءِ تہ ’اسين ڇا پهرينداسين؟‘ ڇا جان کاڌي کان ۽ جسم ڪپڙن کان وڌيڪ اهم نہ آهي؟