Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 15:21 - Muslim Sindhi Bible

21 مريم هنن جي گيت جي جواب ۾ هي ڳايو تہ ”اوهين خداوند جو حمد وَ ثنا ڳايو، ڇاڪاڻ تہ هن جلال واري فتح ماڻي آهي، هن گھوڙن کي سوارن سوڌو سمنڊ ۾ اڇلائي وڌو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ مريم هن ريت هنن جي راڳ جو جواب ڏنو: اوهين خداوند جي تعريف ڳايو، ڇالاءِ جو هن وڏي فتح حاصل ڪئي آهي؛ هن گهوڙي کي سندس سوار سميت سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 15:21
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪوبہ ماڻهو اها خبر فلستيءَ جي شهر جات ۾ نہ ٻڌائي، نڪي ڪو اسقلون جي گھٽين اندر اها پڌري ڪري، متان فلستين جون ڌيئرون اها ڳالهہ ٻڌي خوشيون ملهائين، هائو، متان اڻ‌طهريلن جون ڌيئرون شادمانا ڪن.


دائود کي انهيءَ مهل سڻيءَ جو مذهبي وڳو پيل هو ۽ هو خداوند جي حضور ۾ پنهنجي سڄي طاقت سان نچندو پئي هليو.


اي يعقوب جا خدا! تنهنجيءَ ڇينڀ تي ئي، جنگي گھوڙا توڙي انهن جا سوار موت جي ننڊ ۾ وڃي ستا آهن.


ان وقت موسيٰ ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن خداوند جي شان ۾ هي گيت ڳايو تہ ”آءٌ خداوند جو حمد وَ ثنا ڳائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن وڏي شاندار فتح ماڻي آهي، هن گھوڙن کي سوارن سوڌو سمنڊ ۾ اڇلائي وڌو آهي.


هن فرعون جي لشڪر ۽ گاڏين کي ڳاڙهي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو، ساڻس گڏ انهيءَ جا چونڊ فوجي سالار بہ سمنڊ ۾ غرق ٿي ويا.


اهو آواز انهن هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهن جو هو، جيڪي تخت توڙي چئني ساهوارن ۽ بزرگن جي اڳيان بيهي هڪ نئون گيت ڳائي رهيا هئا. گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انهن ماڻهن کي دنيا مان خريد ڪيو هو ۽ رڳو اهي ئي اهو گيت سکي ٿي سگھيا.


اهي خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ ”اي خداوند، قادرِمطلق خدا! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن! هائو، اي قومن جا بادشاهہ! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن!


گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي خدا جي لاءِ خريد ڪيو آهي.


اي بادشاهؤ ۽ سردارؤ! اوهين ڪن ڏيئي ٻڌو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند لاءِ گيت ڳائينديس، هائو، آءٌ بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ ڪنديس.


دائود جي فلستي جالوت کي قتل ڪرڻ کان پوءِ جڏهن لشڪر پنهنجي گھرن ڏانهن واپس اچي رهيو هو، تڏهن بني اسرائيل جي سڀني شهرن مان عورتون خوشيءَ جا گيت ڳائينديون، نچنديون ۽ دڦ ۽ تار وارا ساز وڄائينديون سائول بادشاهہ جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري آيون.


انهن عورتن نچندي هيئن ٿي ڳايو تہ ”سائول تہ ماريو هزارن کي، پر دائود ماريو لکن کي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ