Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 14:27 - Muslim Sindhi Bible

27 موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگھيريو ۽ پرهہ ڦٽڻ وقت سمنڊ ڦري پنهنجي اصلي حالت تي اچي بيٺو. مصرين پاڻيءَ کان بچي نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خداوند کين سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 تڏهن موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگهيريو، ۽ صبح ٿيڻ شرط سمنڊ پنهنجي اصلوڪي زور تي اچي بيٺو، ۽ مصري انهيءَ ۾ ڀڄڻ لڳا، پر خداوند مصرين کي سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 14:27
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو انهن جي اڳيان سمنڊ کي چيريو، ۽ هو انهيءَ جي وچ مان سڪيءَ زمين تي هلندا پار نڪري آيا. پر تو هنن جي پٺيان پوڻ وارن کي ائين سمنڊ جي تري ۾ اڇلائي وڌو، جيئن ڪو پٿر کڻي اونهي پاڻيءَ ۾ اڇلائبو آهي.


جڏهن تہ پنهنجي قوم جي انهن مخالفن کي خدا انهيءَ سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيو، ايستائين جو انهن مان ڪو هڪڙو بہ نہ بچايائين.


هن فرعون کي لشڪر سوڌو ڳاڙهي سمنڊ ۾ غرق ڪري ڇڏيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


هو انهن کي اهڙي سلامتيءَ سان ڪڍي آيو، جو کين ڪو خوف نہ ٿيو. پر سندن دشمنن کي هن سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيو.


آءٌ قادرِمطلق خداوند انهن تي هڪڙو چهبڪ کڻندس، جيئن عوريب جي ٽڪر تي مديان جي خونريزيءَ وقت کنيو هئم. هائو، آءٌ پنهنجي لٺ ائين ئي کڻندس جيئن مصر ۾ سمنڊ جي مٿان کنئي هئم.


اهو بہ ياد ڪريو، جيڪو هن مصر جي لشڪرن سان ۽ سندن گھوڙن ۽ جنگي گھوڙي گاڏين سان ڪيو. جڏهن اهي اوهان جي پٺيان ڪاهي آيا، تڏهن ڪيئن نہ خداوند ڳاڙهي سمنڊ جو پاڻي مٿن اڇلائي وڌو ۽ کين اهڙو ٻوڙي ماريائين جو اڄ ڏينهن تائين مصري انهيءَ شڪست مان بحال نہ ٿيا آهن.


ايمان جي ڪري ئي جڏهن ڳاڙهي سمنڊ مان پاڻي سڪي ويو تہ بني اسرائيل اتان لنگھي ويا. پر جڏهن مصرين انهن جو پيڇو ڪندي ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ اهي ٻڏي مئا.


تڏهن اوهان جي ابن ڏاڏن مون خداوند کي مدد لاءِ پڪاريو ۽ مون انهن ۽ مصرين جي وچ ۾ اونداهي آڻي ڇڏي. پوءِ مون سمنڊ کي اٿلائي مصرين جي مٿان وڌو تہ اهي ٻڏي ويا. جيڪي مون مصرين سان ڪيو سو اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺو. پوءِ اوهين گھڻو ئي وقت بيابان ۾ رهيا پيا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ