Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 14:25 - Muslim Sindhi Bible

25 هنن جي گاڏين جا ڦيٿا ڦاسائي ڇڏيائين، جنهنڪري اهي تمام مشڪل سان ٿي هليون. تڏهن مصري چوڻ لڳا تہ ”اچو تہ بني اسرائيل کان ڀڄي نڪرون، ڇاڪاڻ تہ خداوند انهن جي پاران اسان سان وڙهي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 هنن جي گاڏين جا ڦيٿا ڦاسائي ڇڏيائين، جنهن ڪري هو ڏاڍيءَ مشڪلات سان انهن کي هلائي سگهيا؛ ۽ مصري چوڻ لڳا تہ اچو تہ اسرائيل جي منهن تان ٽري ڀڄي وڃون؛ ڇالاءِ جو خداوند انهن جي پاران مصرين سان وڙهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 14:25
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ٻين قومن ٻڌو تہ ڪيئن نہ خداوند يهوداہ جي دشمنن سان جنگ ڪئي آهي، تڏهن انهن ملڪن جي حڪومتن تي خدا جو خوف طاري ٿي ويو.


مون نظرداري ڪندي ڏٺو تہ ماڻهو پريشان آهن. سو مون اميرن، اڳواڻن ۽ باقي ٻي خلق کي چيو تہ ”دشمنن کان نہ ڊڄو. ڌڻيءَ کي ياد ڪريو جيڪو عظيم ۽ هيبت وارو آهي ۽ پنهنجن ڀائرن، پنهنجن پٽن، پنهنجين ڌيئرن، پنهنجين زالن ۽ پنهنجن گھرن لاءِ وڙهو.“


جڏهن اسان جي آس‌پاس رهندڙ سڀني دشمن قومن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن پنهنجي ئي نظرن ۾ ڪري پيا ۽ همت هاري ويٺا، ڇاڪاڻ تہ هنن سمجھيو تہ اهو ڪم اسان جي خدا جي مدد سان ٿيو آهي.


تو انهن جي اڳيان سمنڊ کي چيريو، ۽ هو انهيءَ جي وچ مان سڪيءَ زمين تي هلندا پار نڪري آيا. پر تو هنن جي پٺيان پوڻ وارن کي ائين سمنڊ جي تري ۾ اڇلائي وڌو، جيئن ڪو پٿر کڻي اونهي پاڻيءَ ۾ اڇلائبو آهي.


پر شريرن کي ڪا ڀلائي ڏسڻ ۾ ڪين ايندي. کين ڀڄڻ جو ڪو رستو ڪونہ ملندو. سندن آخري اميد رڳو موت ئي هوندي.“


جيڪڏهن هو لوهہ جي هٿيار کان ڀڄندا، تہ پتل جو تير چڀي کين ماري ڇڏيندو.


جھولو کين سدائين گھليندو رهندو ۽ ڪا ڍر نہ ڏيندو، جڏهن تہ اهي کانئس ڀڄي نڪرڻ جي گھڻي ڪوشش ڪندا.


اي خداوند! جيڪي مون سان جھڳڙو ڪن ٿا، تن سان تون جھڳڙو ڪر. هائو، تون انهن سان وڙهہ جيڪي مون سان وڙهن ٿا.


هو پوريءَ دنيا ۾ جنگيون بند ڪري ڇڏي ٿو. هائو، هو تيرڪمان ڀڃي ڇڏي ٿو، ڀالن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي ٿو، ۽ ڍالن کي پڻ باهہ ۾ ساڙي ڇڏي ٿو.


”بادشاهہ پنهنجي لشڪرن سوڌا پوئتي هٽي ڀڄندا ٿا وڃن. هاڻ گھرن ۾ ويٺل عورتون سندن لٽ جو مال پيون ورهائين.


اي يعقوب جا خدا! تنهنجيءَ ڇينڀ تي ئي، جنگي گھوڙا توڙي انهن جا سوار موت جي ننڊ ۾ وڃي ستا آهن.


خداوند اوهان جي طرفان پاڻ جنگ ڪندو. اوهين ماٺ ڪري ويٺا هجو.“


جڏهن آءٌ انهن تي فتح حاصل ڪندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“


آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو اوهان جي پٺيان پوندو. تڏهن فرعون ۽ سندس سڄي لشڪر تي منهنجي فتح سان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو ۽ مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“ سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو.


خداوند جنگ جو سورهيہ آهي، سندس ئي نالو خداوند آهي.


خداوند مون يسعياہ کي فرمايو تہ ”جهڙيءَ طرح ڌنار ڪيتريون بہ رڙيون ڪن تان‌تہ شينهن کي سندس شڪار کان ڀڄائي ڪڍن، پر اهو پنهنجي شڪار تي بيهي گجڪار ٿو ڪري، تهڙيءَ ئي طرح صيئون جبل وارن جي حفاظت ڪرڻ کان مون قادرِمطلق خداوند کي ڪوبہ ڀڄائي نہ ٿو سگھي.


تنهنجي ذريعي مون گھوڙن ۽ سوارن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، تنهنجي ذريعي مون جنگي گھوڙي گاڏين، ۽ گاڏيون هلائيندڙن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.


تنهنڪري آءٌ ربہ شهر جي ڪوٽ تي باهہ ڀڙڪائيندس، جيڪا ان جي محلاتن سميت سڀني کي جنگ جي ڏينهن تي طوفاني واچوڙن وانگر للڪار ڪندي برباد ڪري ڇڏيندي.


اهو تہ اهڙو آهي، جيئن ڪو ماڻهو شينهن کان ڀڄي تہ رڇ منهن ۾ پويس، يا وري جيئن ڪو گھر ۾ وڃي ڀت تي هٿ رکي تہ نانگ ڏنگي وجھيس.


پوءِ مون پروردگار کي قربان‌گاهہ جي پاسي ۾ بيٺل ڏٺو. هن حڪم ڏنو تہ ”عبادت‌گاهہ جي ٿنڀن جي چوٽين کي ڌڪ هنيو وڃي تہ جيئن چانئٺيون لُڏي وڃن، ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن جي مٿان ڪيرائي سندن مٿا ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو وڃي. پر جيڪي ماڻهو اتان بچي ويندا، تن کي آءٌ جنگ ۾ قتل ڪرائي ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح انهن مان هڪڙو بہ ڀڄي ڪين سگھندو.


خداوند اوهان جو خدا، جيڪو اوهان جي رهنمائي ٿو ڪري سو پاڻ اوهان جي پاران ائين ئي جنگ ڪندو جيئن هن اوهان جي اکين اڳيان مصر ۾ ڪئي هئي.


سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان جي طرفان جنگ ڪندو.‘“


اها ڳالهہ خود اسان جا دشمن بہ ڄاڻين ٿا تہ سندن محافظ اسان جي طاقتور محافظ جهڙا ناهن.


انهيءَ کان اڳي يا انهيءَ کان پوءِ انهيءَ جهڙو ڏينهن ڪڏهن بہ ڪونہ ٿيو، جنهن ۾ خداوند انسان جي ڳالهہ مڃي هجي. بيشڪ خداوند بني اسرائيل جي پاران پئي وڙهيو.


برق جي حملي سان خداوند سيسرا، سندس سڀني جنگي گھوڙي گاڏين ۽ سڄي لشڪر ۾ ٽاڪوڙو وجھي ڇڏيو. سيسرا پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏيءَ تان لهي پيرين پيادو وٺي ڀڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ