Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 14:24 - Muslim Sindhi Bible

24 صبح جو پرهہ ڦٽڻ کان اڳ خداوند باهہ ۽ ڪڪر جي ٿنڀي منجھان مصرين جي لشڪر ڏانهن نهاريو ۽ انهن جي لشڪر کي مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ صبح جو سوير هيئن ٿيو، جو خداوند باهہ جي ۽ ڪڪر جي ٿنڀ منجهان مصرين جي لشڪر ڏانهن نهاريو، ۽ مصرين جي لشڪر کي پريشان ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 14:24
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بہ تون چوين ٿو تہ ’خدا ڇا ٿو ڄاڻي؟ هو گھاٽن ڪڪرن جي اونداهيءَ مان ڪو انصاف ڪري سگھندو ڇا؟


بلڪ جڏهن هو موت ٿو آڻڻ چاهي تہ اڌ رات جي وقت اوچتو ئي مٿن آڻي ٿو ڪڙڪائي، تڏهن هر ڪو ڏڪندي ڏڪندي مريو وڃي، توڙي اهي طاقتور ماڻهو ڇو نہ هجن، اهي بہ بنا هٿ لڳائڻ جي دنيا مان کڄيو وڃن.


پر جيڪڏهن خدا انهن بدڪار حاڪمن کي ڪجھہ بہ نہ ڪري، تڏهن ڪير آهي جو مٿس الزام آڻي سگھي؟ يا جيڪڏهن هو غريبن کان منهن موڙي ڇڏي، تڏهن ڪير آهي جنهن کي سندس مدد حاصل ٿي سگھي؟ پر حقيقت ۾ هو ائين نہ ٿو ڪري، بلڪ هڪڙو ماڻهو هجي يا پوري قوم، سڀني تي هو هڪجهڙي حڪمراني ڪندو رهي ٿو.


هائو، هر مغرور کي نيچ ڪري ڇڏ، ۽ شرير ماڻهو جتي بہ هجن اتي کين ڪچلي ڇڏ.


هو جڏهن ڌرتيءَ ڏانهن نهاري ٿو تہ اها ڏڪيو ٿي وڃي. هو جڏهن جبلن کي ڇُهي ٿو تہ انهن مان بہ دونهون ٿو نڪري.


پر پوءِ خدا جي قدرت جو ڏٺائون تہ کين ڏاڍي حيرت وٺي ويئي. کين اهڙي دهشت وٺي ويئي جو سڀيئي اتان وٺي ڀڳا.


ڏينهن جي وقت تي هن ڪڪر سان سندن رهبري ڪئي، ۽ سڄي رات باهہ جي روشنيءَ سان سندن رهنمائي پئي ڪيائين.


تو خدا جي نظر ۾ هزار سال بہ ائين آهن، جيئن ڪالهہ جو ڏينهن، يا وري رات جو هڪڙو پهر ئي گذريو هجي.


ڏينهن جي وقت خداوند انهن جي اڳيان ڪڪر واري ٿنڀي جي وسيلي کين رستو ڏيکاريندو هلندو هو ۽ رات جي وقت باهہ واري ٿنڀي جي وسيلي کين روشني ڏيندو اڳيان هلندو رهندو هو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ڏينهن رات پنڌ ڪري سگھن.


هنن جي گاڏين جا ڦيٿا ڦاسائي ڇڏيائين، جنهنڪري اهي تمام مشڪل سان ٿي هليون. تڏهن مصري چوڻ لڳا تہ ”اچو تہ بني اسرائيل کان ڀڄي نڪرون، ڇاڪاڻ تہ خداوند انهن جي پاران اسان سان وڙهي ٿو.“


جيڪڏهن سندن دشمن کين جلاوطن ڪري وٺي وڃن، تڏهن بہ اُتي آءٌ کين قتل ڪرائي ڇڏيندس. مون انهن جي مدد ڪرڻ جو نہ، بلڪ کين برباد ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي.“


ٻئي ڏينهن صبح جو سوير سائول پنهنجي ماڻهن جون ٽي ٽوليون ٺاهيون ۽ پرهہ ڦٽيءَ مهل دشمنن جي لشڪرگاهہ تي اچي حملو ڪيائين. جيستائين ڏينهن گرم ٿيو تيستائين هو عمونين کي ماريندا رهيا. پوءِ جيڪي عموني باقي بچيا سي ڀڄي ڪڻو ڪڻو ٿي ويا، ايتري قدر جو انهن مان ٻہ ڄڻا بہ ڪٿي گڏجي ڪين رهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ