Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 14:23 - Muslim Sindhi Bible

23 مصري بہ انهن جي پٺيان ڪاهي پيا ۽ فرعون جا سڀ گھوڙا، گاڏيون ۽ سوار سندن پٺيان سمنڊ جي وچ ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 پوءِ مصري بہ هنن جي پٺيان سمنڊ جي وچ ۾ ڪاهي پيا، يعني فرعون جا سڀ گهوڙا ۽ گاڏيون ۽ سوار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 14:23
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند کانئن پڇيو تہ ’ڪير اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب کي ڌُتاريندو تہ جيئن هو وڃي رامات شهر تي ڪاهہ ڪري ۽ اتي ماريو وڃي؟‘ پوءِ ڪن ڇا چيو تہ ڪن ڇا.


آءٌ مصرين جي دلين کي سخت ڪندس ۽ اهي سندن پٺيان ڪاهي ايندا. تڏهن فرعون تي، سندس سڄي لشڪر تي، سندس جنگي گھوڙي گاڏين تي ۽ سندس گھوڙي سوارن تي منهنجي فتح سان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو.


آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو اوهان جي پٺيان پوندو. تڏهن فرعون ۽ سندس سڄي لشڪر تي منهنجي فتح سان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو ۽ مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“ سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو.


سو بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگھي ويا. پر جڏهن فرعون جون گھوڙي گاڏيون، گھوڙن ۽ سوارن سميت سمنڊ ۾ گھڙي ويون، تڏهن خداوند سمنڊ جو پاڻي موٽائي مٿن آندو.


دشمن چيو هو تہ ’آءٌ پٺيان پئي انهن کي پڪڙيندس، ۽ کانئن لُٽيل مال ورهائي آءٌ پنهنجي دل ٺاريندس. پوءِ مياڻ مان تلوار ڪڍي آءٌ کين برباد ڪري ڇڏيندس.‘


هائو، هن دنيا ۾ وڏي بدقسمتي اها آهي جو سڀني انسانن جي پڄاڻي هڪجهڙي ٿئي ٿي. تنهنڪري انسان جي سڄي حياتي بڇڙائيءَ ۽ چريائپ واري سوچ ۾ گذري ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀيئي هڪجهڙي وفات ڪري وڃي مُڙدن سان ٿا ملن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ