Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 14:22 - Muslim Sindhi Bible

22 بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگھي ويا. هنن جي ٻنهي پاسن کان پاڻي ڀت وانگر ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگهي ويا، ۽ انهن جي ساڄي هٿ پاسي کان ۽ کاٻي هٿ پاسي کان پاڻي سندن لاءِ ڀت وانگر ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 14:22
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن الياس جي چادر جھلي پاڻيءَ تي هنئي ۽ چيائين تہ ”خداوند، الياس جو خدا ڪٿي آهي؟“ جڏهن هن پاڻيءَ کي ڌڪ هنيو تڏهن پاڻي چيرجي ٻہ حصا ٿي پيو ۽ اليشع پار لنگھي ويو.


الياس پنهنجي چادر لاٿي ۽ ويڙهي سيڙهي پاڻيءَ تي هنيائين تہ پاڻي ٻہ حصا ٿي پيو. پوءِ هو ٻيئي ڄڻا اتان سڪيءَ مان لنگھي درياءَ جي هُن ڀر ويا.


تو انهن جي اڳيان سمنڊ کي چيريو، ۽ هو انهيءَ جي وچ مان سڪيءَ زمين تي هلندا پار نڪري آيا. پر تو هنن جي پٺيان پوڻ وارن کي ائين سمنڊ جي تري ۾ اڇلائي وڌو، جيئن ڪو پٿر کڻي اونهي پاڻيءَ ۾ اڇلائبو آهي.


هن جڏهن ڳاڙهي سمنڊ کي جھڻڪيو تڏهن اهو بہ سڪي ويو. پوءِ انهيءَ جي تري منجھان کين خشڪ زمين جيان پار ٽپايائين.


انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن ڳاڙهي سمنڊ کي چيري ٻہ اڌ ڪيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


هن بني اسرائيل کي انهيءَ جي وچان پار ٽپايو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


هن سمنڊ کي ڦيرائي سڪي زمين ڪري ڇڏيو هو، ۽ درياءَ کي پڻ، تہ جيئن اسان جا ابا ڏاڏا انهيءَ مان پيادل لنگھي وڃن. اچو تہ سندس انهن ڪمن جي ڪري اسين خوشيون ملهايون.


تو ئي سڪل چشمن ۽ برساتي نهرن کي جاري ڪيو هو، ۽ تو ئي پاڻيءَ سان ڀريل وڏا وڏا درياءَ سڪائي ڇڏيا هئا.


هن سمنڊ کي چيري انهيءَ ۾ رستو ٺاهيو، ۽ پاڻيءَ کي بلڪل ڀت جيان بيهاري کين پار ٽپائي آندو.


پر بني اسرائيل سمنڊ جي وچ ۾ بہ سڪيءَ زمين تي پنڌ ڪيو ۽ پاڻي هنن جي ٻنهي پاسن کان ڀت وانگر بيٺو هو.


سو بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگھي ويا. پر جڏهن فرعون جون گھوڙي گاڏيون، گھوڙن ۽ سوارن سميت سمنڊ ۾ گھڙي ويون، تڏهن خداوند سمنڊ جو پاڻي موٽائي مٿن آندو.


تنهنجي قهر واري ڦوڪ سان پاڻي ڍڳن مٿان ڍڳ ٿيو، ۽ اهو وهندڙ پاڻي ڀت جيان بيهي رهيو. هائو، سمنڊ جي وچ ۾ اونهو پاڻي ڄمي بيهي رهيو.


خداوند مصر واري ڳاڙهي سمنڊ کي سڪائي خشڪ ڪري ڇڏيندو، ۽ پنهنجي ساڙيندڙ واءُ سان فرات نديءَ تي اُلر ڪندو، ۽ انهيءَ کي ستن ننڍڙين واهين ۾ ورهائي ڇڏيندو، جن مان ماڻهو جتيءَ سان پار لنگھي سگھندا.


سو سندس قوم مان جيڪي اشور ۾ باقي بچيا هوندا، تن جي لاءِ هڪڙو اهڙو کُليل رستو هوندو، جهڙو بني اسرائيل جي لاءِ انهيءَ ڏينهن تي هو، جڏهن اهي مصر ملڪ مان نڪري آيا هئا.


آءٌ خداوند ئي آهيان، جيڪو طاقتور سمنڊ کي ٻہ اڌ ڪري، پاڻين جي وچ مان خشڪ رستو ٿو ٺاهيان.


ڇا تون اهو ئي ناهين، جنهن سمنڊ کي، هائو، اونهي بحر جي پاڻيءَ کي سڪائي ڇڏيو هو؟ تو سمنڊ جي تري کي رستو بڻائي ڇڏيو هو، انهيءَ لاءِ تہ جن کي تو ڇڏايو هو سي پار لنگھي وڃن.


هائو، ڪٿي آهي اهو خداوند، جنهن جي جلالي قدرت موسيٰ سان گڏ هلندي رهي، ۽ جنهن پنهنجو نالو هميشہ قائم رکڻ لاءِ سندن اڳيان سمنڊ جي پاڻيءَ کي چيري ٻہ اڌ ڪيو؟


هو انهن کي اونهن پاڻين مان ائين وٺي هليو، جيئن ڪو گھوڙو بنا ڪنهن ٺوڪر کائڻ جي سڌي ميدان تي هلي ٿو.


انهيءَ سبب جو خداوند ٿو فرمائي تہ ’آءٌ پاڻ انهيءَ جي حفاظت لاءِ ان جي چوڌاري باهہ جي ڀت وانگر ٿيندس ۽ آءٌ ئي منجھس رهي ان جو شان وَ شوڪت وڌائيندس.‘“


تڏهن هو اتان في‌هخيروت مان روانا ٿيا ۽ ڳاڙهي سمنڊ مان لنگھي بيابان ۾ آيا. هنن ايتام جي بيابان ۾ ٽن ڏينهن جو پنڌ ڪري مارہ ۾ اچي منزل ڪئي.


سو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين اسان جي ابن ڏاڏن جي واقعن کان ناواقف رهو. هو سڀ ڪڪر جي ڇانوَ هيٺان هئا ۽ سڀيئي سمنڊ مان لنگھي پار پيا.


ايمان جي ڪري ئي جڏهن ڳاڙهي سمنڊ مان پاڻي سڪي ويو تہ بني اسرائيل اتان لنگھي ويا. پر جڏهن مصرين انهن جو پيڇو ڪندي ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ اهي ٻڏي مئا.


تيئن ئي مٿان ايندڙ پاڻيءَ جو وهڪرو بند ٿي ويو. گھڻو پري ادم شهر وٽ، جيڪو ضرتان جي ڀرسان آهي، پاڻي هڪ هنڌ ڪٺو ٿي مٿي چڙهڻ لڳو، جڏهن تہ آرباہ جي سمنڊ يعني کاري سمنڊ ڏانهن وهندڙ پاڻي ڇڄي ڌار ٿي پيو. عهد واري صندوق کڻي هلندڙ ڪاهن اردن درياءَ جي وچ ۾ سڪيءَ زمين تي ايتري تائين ڄمي بيهي رهيا جيتري تائين سڄي قوم اردن درياءَ منجھان سڪيءَ زمين تان لنگھي پار نہ ٿي. سو بني اسرائيل يريحو شهر جي سامهون لنگھي پار ٿيا.


تڏهن اوهين پنهنجن ٻارن کي ٻڌائجو تہ ’بني اسرائيل هن وهندڙ اردن درياءَ وچان سڪيءَ زمين تان لنگھي پار آيا هئا.‘


جيترو عرصو اسين انهن سان گڏ رڍون چاريندا رهياسون، اوتري عرصي ۾ هو رات توڙي ڏينهن اسان جي چوڌاري ڄڻ هڪڙي ڀت هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ