Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 14:21 - Muslim Sindhi Bible

21 موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگھيريو تہ خداوند سڄي رات اوڀر جو تيز واءُ گھلايو ۽ سمنڊ کي پوئتي هٽائي ڇڏيو، ايتري قدر جو اهو سڪي زمين ٿي پيو ۽ پاڻي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگهيريو تہ خداوند ساري رات اڀرندي جو واءُ لڳايو، ۽ سمنڊ کي هٽائي سڪائي ڇڏيائين، ۽ پاڻي وچ مان چيرجي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 14:21
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا نوح ۽ انهن جانورن کي جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙي ۾ هئا وساري ڪونہ ڇڏيو. سو خدا هوا گھلائي ۽ پاڻي لهڻ لڳو.


الياس پنهنجي چادر لاٿي ۽ ويڙهي سيڙهي پاڻيءَ تي هنيائين تہ پاڻي ٻہ حصا ٿي پيو. پوءِ هو ٻيئي ڄڻا اتان سڪيءَ مان لنگھي درياءَ جي هُن ڀر ويا.


تو انهن جي اڳيان سمنڊ کي چيريو، ۽ هو انهيءَ جي وچ مان سڪيءَ زمين تي هلندا پار نڪري آيا. پر تو هنن جي پٺيان پوڻ وارن کي ائين سمنڊ جي تري ۾ اڇلائي وڌو، جيئن ڪو پٿر کڻي اونهي پاڻيءَ ۾ اڇلائبو آهي.


هن پنهنجيءَ طاقت سان سمنڊ کي شڪست ڏيئي ڇڏي، هن پنهنجيءَ حڪمت سان سامونڊي بلا رهب کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.


ڇا تو کي وڄ تائين پهچڻ جو رستو معلوم آهي؟ ڇا تو کي انهيءَ جاءِ جي خبر آهي جتان جھولا اچن ٿا؟


انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن ڳاڙهي سمنڊ کي چيري ٻہ اڌ ڪيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


اوهين بہ اي وڄ ۽ ڳڙؤ! ۽ اي برف ۽ ڪوهيڙؤ! اوهين بہ اي واچوڙؤ! جيڪي سندس حڪم تي عمل ٿا ڪريو.


هن سمنڊ کي ڦيرائي سڪي زمين ڪري ڇڏيو هو، ۽ درياءَ کي پڻ، تہ جيئن اسان جا ابا ڏاڏا انهيءَ مان پيادل لنگھي وڃن. اچو تہ سندس انهن ڪمن جي ڪري اسين خوشيون ملهايون.


تو ئي تہ پنهنجيءَ قدرت سان سمنڊ کي چيري ڌار ڪيو هو. تو ئي تہ سمنڊ ۾ اجگر نانگن جا مٿا چٿي ڇڏيا هئا.


هن سمنڊ کي چيري انهيءَ ۾ رستو ٺاهيو، ۽ پاڻيءَ کي بلڪل ڀت جيان بيهاري کين پار ٽپائي آندو.


تون پنهنجي لٺ کڻي پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگھير تہ پاڻي ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي، تہ جيئن بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگھي وڃن.


اهو مصرين جي لشڪر ۽ بني اسرائيل جي لشڪر جي وچ ۾ وڃي بيٺو. اهو مصرين جي لاءِ اونداهو ڪڪر هو، پر بني اسرائيل جي لاءِ رات جو روشني ڏيندڙ هو. تنهنڪري سڄي رات ٻئي لشڪر هڪٻئي کي ويجھو اچي نہ سگھيا.


تنهنجي قهر واري ڦوڪ سان پاڻي ڍڳن مٿان ڍڳ ٿيو، ۽ اهو وهندڙ پاڻي ڀت جيان بيهي رهيو. هائو، سمنڊ جي وچ ۾ اونهو پاڻي ڄمي بيهي رهيو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هارون کي چئُہ تہ هو پنهنجي لٺ کڻي مصر جي سڀني ندين، نهرن، تلائن ۽ حوضن تي پنهنجو هٿ ڊگھيري تہ جيئن اهي رت ٿي پون. پوءِ مصر جي سڄي ملڪ ۾، ڪاٺ توڙي پٿر جي ٿانون ۾ بہ رت ئي رت هوندو.“


خداوند جو هٿ سمنڊ تي اچي پيو آهي، بلڪ هن بادشاهتن کي بہ لوڏي ڇڏيو آهي. خداوند صور ۽ صيدا جي ملڪ خلاف حڪم ڏنو آهي تہ انهيءَ جي قلعن کي ڊاهي ناس ڪيو وڃي.


آءٌ خداوند ئي آهيان، جيڪو طاقتور سمنڊ کي ٻہ اڌ ڪري، پاڻين جي وچ مان خشڪ رستو ٿو ٺاهيان.


هاڻ ڀلي کڻي سمنڊ يا نديون انهيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجن، تہ بہ آءٌ هڪڙي ئي لفظ سان انهن کي بہ سڪائي ڇڏيندس.“


جڏهن آءٌ يروشلم ۾ آيس، تڏهن ڇو اتي ڪوبہ ڪونہ هو؟ جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن ڇا جي ڪري ڪوبہ جواب ڏيڻ وارو ڪونہ مليو؟ ڇا آءٌ ايترو ڪمزور ٿي ويو آهيان، جو اوهان کي جلاوطنيءَ کان بچائي نہ سگھيس؟ ياد رکو، آءٌ تہ هڪڙي ئي حڪم سان سمنڊ کي بہ سڪائي ٿو سگھان، ۽ ندين کي رڻ‌پٽ ۾ تبديل ڪري ٿو سگھان. ايتري قدر جو پاڻي نہ ملڻ ڪري ان ۾ موجود مڇي ڳري سڙي وڃي ۽ بدبوءِ ڪري.


ڇا تون اهو ئي ناهين، جنهن سمنڊ کي، هائو، اونهي بحر جي پاڻيءَ کي سڪائي ڇڏيو هو؟ تو سمنڊ جي تري کي رستو بڻائي ڇڏيو هو، انهيءَ لاءِ تہ جن کي تو ڇڏايو هو سي پار لنگھي وڃن.


ياد رکو، آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جيڪو سمنڊ کي اهڙو ٿو ولوڙيان، جو هن جون ڇوليون گجگوڙ ٿيون ڪن. هائو، قادرِمطلق خداوند منهنجو ئي نالو آهي.


هائو، ڪٿي آهي اهو خداوند، جنهن جي جلالي قدرت موسيٰ سان گڏ هلندي رهي، ۽ جنهن پنهنجو نالو هميشہ قائم رکڻ لاءِ سندن اڳيان سمنڊ جي پاڻيءَ کي چيري ٻہ اڌ ڪيو؟


هو انهن کي اونهن پاڻين مان ائين وٺي هليو، جيئن ڪو گھوڙو بنا ڪنهن ٺوڪر کائڻ جي سڌي ميدان تي هلي ٿو.


اي خداوند! ڇا اڳي تون ندين کان ناراض هئين؟ تنهنجي ڪاوڙ نهرن تي هئي ڇا؟ تنهنجو غصو سمنڊن جي خلاف هو ڇا؟ جو تون پنهنجي گھوڙن، ۽ فتح ڪندڙ جنگي گھوڙي گاڏين تي سوار هئين.


هي اهو ئي شخص آهي جنهن کين اتان ڪڍيو ۽ مصر ۾، ڳاڙهي سمنڊ وٽ ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ عجب جهڙا ڪم ۽ معجزا ڏيکاريندو رهيو.


اسان ٻڌو آهي تہ جڏهن اوهين مصر مان ٿي نڪتا، تڏهن ڪهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي لاءِ ڳاڙهي سمنڊ جو پاڻي سڪائي ڇڏيو هو. اسان اهو بہ ٻڌو آهي تہ اوهان اردن درياءَ جي اوڀر طرف امورين جي ٻن بادشاهن، سيحون ۽ عوج جون ڪيئن پاڙون پٽي ڇڏيون.


جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا اسان جي اڳيان ڳاڙهو سمنڊ سڪايو هو، جيستائين اسين لنگھي پار نہ ٿيا هئاسين، تهڙيءَ طرح هن اوهان جي اڳيان اردن درياءَ جو پاڻي پڻ سڪائي ڇڏيو، جيستائين اوهين لنگھي پار نہ ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ