هو چوڻ لڳو تہ ”اي بادشاهہ يهوسفط! ۽ اي يروشلم وارو، بلڪ سڄي يهوداہ ملڪ جا رهاڪؤ! اوهين سڀ ٻڌو. خداوند فرمائي ٿو تہ ’اوهين بلڪل نہ ڊڄو، نڪي هن وڏي لشڪر کي ڏسي گھٻرايو، ڇاڪاڻ تہ جنگ جي فتح يا شڪست اوهان جي هٿ ۾ نہ، پر منهنجي هٿ ۾ ئي آهي.
هن جنگ ۾ اوهان کي وڙهڻ جي ضرورت نہ پوندي. اوهين رڳو صفون ٻڌي ثابت قدميءَ سان بيٺا رهو. اوهين ڏسندا تہ آءٌ خداوند اوهان کي فتح بخشيندس. اي يروشلم ۽ سڄي يهوداہ وارؤ! اوهين نہ ڊڄو، نڪي ڪو خوف ڪريو، بلڪ سڀاڻي هنن تي ڪاهي وڃو. آءٌ خداوند اوهان سان گڏ آهيان.‘“
تو انهن جي اڳيان سمنڊ کي چيريو، ۽ هو انهيءَ جي وچ مان سڪيءَ زمين تي هلندا پار نڪري آيا. پر تو هنن جي پٺيان پوڻ وارن کي ائين سمنڊ جي تري ۾ اڇلائي وڌو، جيئن ڪو پٿر کڻي اونهي پاڻيءَ ۾ اڇلائبو آهي.
هنن جي گاڏين جا ڦيٿا ڦاسائي ڇڏيائين، جنهنڪري اهي تمام مشڪل سان ٿي هليون. تڏهن مصري چوڻ لڳا تہ ”اچو تہ بني اسرائيل کان ڀڄي نڪرون، ڇاڪاڻ تہ خداوند انهن جي پاران اسان سان وڙهي ٿو.“