سو جنگي گھوڙي گاڏين جي سالارن جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط کي ڏٺو تہ چوڻ لڳا تہ ”اهو ئي اسرائيل جو بادشاهہ آهي.“ سو هو ساڻس وڙهڻ لاءِ سندس گھيرو ڪرڻ لڳا. پر يهوسفط خداوند کي ٻاڏايو جنهن سندس دانهن ٻڌي ۽ جڏهن انهن سالارن ڏٺو تہ اهو اسرائيل جو بادشاهہ ناهي، تڏهن کانئس پري هٽي ويا ۽ مٿس حملو نہ ڪيائون.