Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 13:19 - Muslim Sindhi Bible

19 موسيٰ يوسف جا هڏا پاڻ سان کنيا، ڇاڪاڻ تہ يوسف بني اسرائيل کي قسم ڏيئي چيو هو تہ ”خداوند ضرور اوهان جي سار لهندو، تڏهن اوهين منهنجا هڏا هتان پاڻ سان کڻي وڃجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ موسيٰ يوسف جا هڏا پاڻ سان کنيا؛ ڇالاءِ جو هن بني اسرائيل کي قسم ڏيئي چيو هو تہ خداوند ضرور اوهان جي سار لهندو، ۽ اوهين منهنجا هڏا هتان پاڻ سان کڻي وڃجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 13:19
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يعقوب يوسف کي چيو تہ ”ڏس، هاڻي آءٌ مرڻ تي آهيان. پر خدا اوهان سان هوندو ۽ هو اوهان کي وري پنهنجن ابن ڏاڏن جي ملڪ ۾ موٽائي وٺي ويندو.


تڏهن ماڻهن انهن تي يقين ڪيو. وري جڏهن هنن ٻڌو تہ خداوند بني اسرائيل جي سار لڌي آهي ۽ انهن جي مصيبت ڏٺي اٿس، تڏهن زمين تي جھڪي سجدو ڪيائون.


هن جي پاڙيسرين ۽ مائٽن جڏهن اهو ٻڌو تہ خداوند اليشبع تي وڏي مهرباني ڪئي آهي تہ اهي بہ ساڻس گڏجي خوشيون ڪرڻ لڳا.


انهيءَ تي سڀني ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو ۽ هو خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳا تہ ”هڪڙو وڏو نبي اسان وٽ ظاهر ٿيو آهي. خدا پنهنجي قوم تي ٻاجھہ ڪئي آهي.“


پوءِ يعقوب مصر ڏانهن ويو، جتي هو ۽ اسان جا وڏا مري ويا.


انهن جا لاش کڻي وڃي شڪم جي انهيءَ قبرستان ۾ دفن ڪيائون، جيڪو ابراهيم شڪم ۾ حمور جي پٽن کان خريد ڪيو هو.


ايمان جي ڪري ئي يوسف جڏهن مرڻ کي ويجھو هو، تڏهن هن مصر ملڪ مان بني اسرائيل جي نڪرڻ بابت ٻڌايو ۽ اهو حڪم بہ ڏنو تہ ”منهنجي هڏين کي ساڻ کڻي وڃجو.“


يوسف جا هڏا جيڪي بني اسرائيل مصر مان آندا هئا سي بہ هنن سڪم ۾ زمين جي انهيءَ ٽڪري ۾ دفن ڪيا، جيڪو يعقوب سڪم جي پيءُ حمور جي اولاد کان چانديءَ جي هڪ سؤ سڪن ۾ خريد ڪيو هو. اها زمين يوسف جي اولاد کي ورثي طور ملي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ