Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 13:17 - Muslim Sindhi Bible

17 جڏهن فرعون انهن ماڻهن کي وڃڻ ڏنو، تڏهن خدا کين فلستين جي علائقي واري رستي کان نہ وٺي ويو، جيتوڻيڪ اهو ويجھو هو. هن ڪري جو خدا فرمايو هو تہ ”متان هي ماڻهو جنگ جھيڙو ڏسي پشيمان ٿين ۽ مصر ڏانهن موٽي وڃن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 پوءِ هيئن ٿيو تہ جڏهن فرعون انهن ماڻهن کي وڃڻ ڏنو، تڏهن جيتوڻيڪ فلستين جو ملڪ ويجهو هو، پر تڏهن بہ خدا کين انهيءَ رستي کان وٺي نہ ويو؛ ڇالاءِ جو خدا چيو تہ متان هي ماڻهو جنگ ڏسي پشيمان ٿين، ۽ موٽي مصر ڏانهن وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 13:17
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ تون هنن جي دعا ٻڌج. هائو، دشمنن جي انهيءَ ملڪ ۾ جتي هو قيدي آهن، اتي جڏهن هنن جي دل ڦيرو کائي ۽ هو پشيمان ٿي پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان تو آڏو توبهہ‌تائب ٿين ۽ سندن ابن ڏاڏن کي ڏنل ملڪ، تنهنجي چونڊيل شهر ۽ تنهنجي نالي جوڙايل هن گھر ڏانهن منهن ڪري منٿ ڪري چون تہ ’اسان گناهہ ڪيو آهي، اسان غلط ڪم ڪيو آهي، اسان بڇڙائي ڪئي آهي،‘


هنن تنهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي، ۽ جيڪي معجزا تو هنن لاءِ ڪيا هئا، سي سڀ وساري ڇڏيائون. هو ڏاڍا مغرور ٿي ويا، ۽ بغاوت ڪندي پاڻ مان هڪڙو اڳواڻ مقرر ڪيائون، تہ جيئن وري وڃي مصر جي غلاميءَ ۾ پون. پر تون اهڙو خدا آهين جيڪو معاف ڪرڻ لاءِ تيار، مهربان، رحم ڀريو، ڪاوڙ ۾ ڍرو ۽ شفقت سان ڀرپور آهين. انهيءَ ڪري تو هنن کي وساري نہ ڇڏيو.


جڏهن فرعون ويجھو اچي پهتو ۽ بني اسرائيل ڏٺو تہ مصري سندن پٺيان ڪاهيندا پيا اچن، تڏهن هو ڏاڍا اچي ڊنا ۽ خداوند کي مدد لاءِ پڪارڻ لڳا.


پر پولس مناسب نہ سمجھيو تہ هن کي بہ ساڻ کڻجي، ڇاڪاڻ تہ هو اڳ بہ تبليغ جي ڪم ۾ کين اڌ ۾ ئي ڇڏي پمفيليا مان موٽي هليو ويو هو.


پر اسان جي ابن ڏاڏن هن جي چئي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انهن کيس ڌڪاري ڇڏيو ۽ سندن دلين مصر ڏانهن لاڙو رکيو.


ان کان علاوہ بادشاهہ پاڻ وٽ گھڻا گھوڙا نہ رکي، نڪي گھڻا گھوڙا گڏ ڪرڻ خاطر ماڻهن کي مصر ۾ موڪلي، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان کي فرمايو آهي تہ اوهين انهيءَ رستي وري ڪڏهن بہ موٽي نہ وڃجو.


عملدار ماڻهن کي هيئن بہ چون تہ ’جيڪو ماڻهو ڊڄڻو ۽ بي‌همت هجي، تہ اهو بہ پنهنجي گھر موٽي وڃي، انهيءَ لاءِ تہ متان سندس بني اسرائيل جا ڀائر بہ انهيءَ وانگر بي‌همت ٿي پون.‘


خداوند اوهان کي ٻيڙين ۾ چاڙهي انهيءَ رستي کان مصر ۾ موٽائي آڻيندو، جنهن رستي بابت مون اوهان کي چيو هو تہ اهو وري نہ ڏسجو. اُتي اوهين پنهنجن دشمنن وٽ پاڻ کي غلام ۽ ٻانهيون ڪري وڪڻندا، پر ڪوبہ اوهان کي خريد نہ ڪندو.“


ايمان جي ڪري ئي بادشاهہ جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪندي موسيٰ مصر کي ڇڏي ڏنو. ائين هو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ خدا کي ڄڻ تہ ڏسي ڪري ثابت قدم رهيو.


تنهنڪري تون هاڻي ئي وڃي چٽيءَ طرح اعلان ڪر تہ ’جيڪو بہ ڊڄي ۽ ڏڪي رهيو هجي سو ڀلي جِلعاد جبل تان لهي پنهنجي گھر موٽي وڃي.‘“ سو انهن مان ٻاويهہ هزار ڄڻا موٽي ويا ۽ باقي ڏهہ هزار اتي وڃي بچيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ