Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 12:48 - Muslim Sindhi Bible

48 جيڪڏهن ڪو ڌاريو توهان وٽ رهي ٿو ۽ هو خداوند جي هن عيد فصح ۾ شريڪ ٿيڻ چاهي ٿو، تہ پهريائين سندس گھر جا سڀيئي مرد طهر ڪرائين، پوءِ هو ويجھا اچي عيد فصح ۾ شريڪ ٿين. اهڙيءَ طرح هو اوهان جي ملڪ ۾ ڄاول ماڻهوءَ جهڙا ليکجڻ ۾ ايندا. پر ڪوبہ اڻ‌طهريل ماڻهو عيد فصح جي ماني کائي نہ ٿو سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

48 ۽ جڏهن ڪو مسافر تو وٽ ٽڪيل هجي ۽ خداوند جي فسح ۾ شامل ٿيڻ چاهي، تہ پهرين هن جي گهر جا سڀيئي ماڻهو ختنو ڪرائين، ۽ پوءِ هو ويجها اچي فسح ۾ شامل ٿين؛ پوءِ هو اوهان جي ملڪ ۾ ڄاول ماڻهوءَ جهڙا ليکجڻ ۾ ايندا. پر ڪوبہ نامختون ماڻهو انهي مان نہ کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 12:48
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڳتي هر ڇوڪرو جڏهن اٺن ڏينهن جو ٿئي تہ توهين انهيءَ جو طهر ڪرايو، انهن غلامن جو بہ جيڪي اوهان جي گھرن ۾ ڄاول هجن يا ڌارين کان خريد ڪيل هجن. اهو منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ ٻڌل عهد جي نشاني هوندو.


ستن ڏينهن تائين اوهان جي گھرن ۾ رڳو بي‌خميري ماني ئي کاڌي وڃي، بلڪ خمير جو نالو ئي نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ ماڻهو ڪا خميري شيءِ کائيندو، تنهن کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو، پوءِ اهو بني اسرائيل قوم وارو هجي توڙي اوهان جي قوم ۾ شامل ٿيل ڪو ڌاريو هجي.“


پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ ”عيد فصح جا قاعدا هي آهن. بني اسرائيل کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو عيد فصح جي ماني نہ کائي.


جڏهن اوهان جي قوم بني اسرائيل مان ڪو ماڻهو يا بني اسرائيل جي ملڪ ۾ رهندڙ ڌارين مان ڪوبہ مون کي ڇڏي بتن جي پوڄا ڪندي وڌيڪ گناهن ۾ غرق ٿيندو ٿو وڃي ۽ پوءِ بہ هو نبيءَ وٽ اچي ٿو تہ جيئن انهيءَ جي معرفت مون کان پڇا ڪري، تڏهن انهيءَ کي آءٌ خداوند پاڻ جواب ڏيندس.


سو مون خداوند خدا جو حڪم آهي تہ هاڻي اڳتي ڪوبہ مون کي نہ مڃيندڙ اڻ‌طهريل ماڻهو منهنجي هيڪل ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. هائو، بني اسرائيل منجھہ رهندڙ اهڙو ڪوبہ ڌاريو ماڻهو هيڪل ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.‘“


ان کان علاوہ جيڪي ڌاريا اوهان منجھہ هميشہ لاءِ اچي رهن تن کي ۽ سندن اولاد کي اوهين پنهنجي پنهنجي ورثي واري علائقي مان حصو ورهائي ڏجو. اهي اوهان جي لاءِ بني اسرائيل جي ٻين هم‌وطنن وانگر هوندا. اوهين بني اسرائيل جي قبيلن منجھہ انهن جو حصو پاڻ ۾ ڪڻا وجھي ميراث طور ورهائجو.


اوهان جي ملڪ ۾ رهندڙ اهو ڌاريو بہ اوهان جي هم‌وطن ماڻهوءَ جهڙو آهي. سو اوهين ساڻس پاڻ جهڙو ئي پيار ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


جيڪڏهن ڪو ڌاريو اوهان ۾ رهندو هجي ۽ هو عيد فصح ملهائڻ گھري تہ هو انهيءَ جا سمورا قاعدا قانون بجا آڻي. سڀني جي لاءِ هڪڙو ئي قاعدو آهي، جهڙو بني اسرائيل لاءِ تهڙو ڌارئي لاءِ.‘“


سو جيئن تہ اوهين سڀيئي عيسيٰ مسيح جا ٿي ويا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ يهودي يا غير يهودي، غلام يا آزاد ۽ مرد يا عورت جي الڳ سڃاڻپ نہ رهي آهي.


نئين فطرت واري حالت ۾ نہ ڪو يهودي آهي نہ غير يهودي، نہ ڪو طهريل آهي نہ اڻ‌طهريل، نہ ڪو جھنگلي آهي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آهي ۽ اهو اوهان سڀني ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ